Friday , March 29 2024

نثار کهڙو خلاف جلد جاچ مڪمل ڪيو، مون لاءِ گرمي ۽ اُس تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ هاري احترام لائق آهن: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي خوراڪ کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو جي دور ۾ سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ گم ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته، اربين رپين جي ڪڻڪ گم ڪندڙ فلور ملز مالڪن ۽ سندن سهڪارين جا نالا جلد پڌرا ڪيا وڃن ۽ ذميوارن جو تعين ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گودامن مان اربين رُپين جي ڪڻڪ غائب ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدارن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. جوابدارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار طئه ٿيل رقم حڪومت کي واپس ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر نيب وياج مٿان وياج لڳائڻ گهري ٿو. وياج حرام آهي، تنهن ڪري ملز مالڪ وياج نٿا ڏيڻ گهرن. جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته حرام جي پئسن ۾ گهڻو مزو هوندو آهي، ڪرپٽ ماڻهو اُن پئسي کي ئي پنهنجو سڪون سمجهندا آهن.

چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته، مهنجي نظر ۾ گرمي ۽ اُس تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ هاري احترام لائق آهن. چيف جسٽس چيو ته واپاري پورهيتن جو حق ڦٻائيندا آهن ۽ ڪڏهن به پنهنجي کيسي مان خرچ ناهن ڪندا، عدالت ڪڻڪ جي واپسي لاءِ طريقيڪار طئه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نيب، بئنڪر، خوراڪ کاتو ۽ جوابدارن جا نمائندا پاڻ ۾ پهرين معاملا طئه ڪن. عدالت ڌُرين کي 3 مئي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اُن کان اڳ ٻڌڻيءَ دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ملز مالڪ رڳو نقصان جي رقم ڏئي رهيا آهن، مارڪ اپ نٿا ڏين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جوابدارن کي مارڪ اپ سوڌو سموري رقم ادا ڪرڻي پوندي. نيب کي چئون ٿا ته انهن ماڻهن جا به نالا ظاهر ڪري، جن جو فلور ملز پويان هٿ هو. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پُڇيو ته ٻڌايو نثار کهڙو کي ڪڏهن سمن جاري ڪيو؟ جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته نثار کهڙو ۽ سيڪريٽري فوڊ سجاد عباسي خلاف جاچ جاري آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جيستائين فلور ملز مالڪن خلاف معاملا هلي رهيا آهن، تيستائين پ پ اڳواڻ نثار کهڙو خلاف به جاچ مڪمل ڪري وٺو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *