Thursday , April 18 2024

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو: نيب جو گهرو وزارت کي خط

اسلام آباد (سنڌسماءَچار نيوز) ناڻي واري وزير ۽ حديبيه پيپر ملز ميگا اسڪيننڊل ۾ سلطاني شاهد مان تبديل ٿي جوابدار بڻيل اسحاق ڊار جو نالو ايندڙ هفتي ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ / اِي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻن موجب گهرو وزارت نيب جي خط بعد ان تي عمل شروع ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي وفاقي گهرو وزارت کي سفارش ڪندي چيو آهي ته ”اسحاق ڊار ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه پيو ٿئي“ ميڊيا رپورٽن موجب قومي احتساب بيورو ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا احتساب عدالت پاران ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ناڻي واري وزير جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ درخواست ڪورنگ ليٽر ۽ گرفتاري وارنٽ جي حڪم نامي جي ڪاپين سان گڏ گهرو وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي. جنهن ۾ واضح مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسحاق ڊار ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي، ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود هو حاضر نه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي درخواست تي گهرو وزارت جي 3 رڪني بينچ اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت فيصلو ڪندي، جيڪو 72 ڪلاڪن ۾ متوقع آهي، واضح رهي ته نيب پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ تي هڪ ريفرنس داخل ڪيو آهي، جنهن ۾ مٿس فرد جرم به لاڳو ٿي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *