Friday , April 19 2024

نامزدگي فارمز بابت لاهورهاءِ ڪورٽ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ملتوي ٿيڻ وارن خدشن کي مڪمل طور تي رد ڪندي اعلان ڪيو آهي ته، نامزدگي فارمن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ويندي. خميس ڏينه لاهور هاءِ ڪورٽ پاران، اليڪشن جي نامزدگي فارمن جي تبديلي واري پارليامينٽ جي ٿيل قانون سازي خلاف داخل پٽيشن تي فيصلو ٻڌائيندي نوان نامزدگي فارم رد ڪندي پراڻا فارم بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اهڙي حڪم بعد سمورين سياسي پارٽين پاران چونڊون ملتوي يا دير ڪرائڻ جي سازشن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. اهڙي صورتحال بعد چيف اليڪشن ڪمشنرهنگامي اجلاس ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي غور ويچار ڪيو. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي صدارت هيٺ ٿيل هنگامي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نامزدگي فارم بابت فيصلي ۽ تڪبندين رد ڪرڻ بابت فيصلن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ نامزدگي فارمن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ڪرايون وينديون. ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته شيڊول ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن جي گنجائش آهي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج نه پيو ڪيو وڃي پر ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نامزدگي فارم تي جيڪو موقف عدالت ۾ هو اهو هاڻي به آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته نامزدگي ڪاغذ کي رولز جو حصو هئڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *