Tuesday , March 19 2024

ناليوارو معاشي ماهر ۽ بئنڪر عارف عثماني نيشنل بئنڪ جو نئون صدر مقرر

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ قومي اقتصادي رابطه ڪائونسل به عارف عثماني کي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو نئون صدر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد عارف عثماني کي اين بي پي جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجالس ۾ نيشنل بئنڪ جي صدر لاءِ ٽن نالن تي  ويچاريو ويو، جن مان عارف عثماني جي نالي تي اتفاق ڪندي کيس ملڪ جي سرڪاري بئنڪ، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. عارف عثماني ناليوارو بئنڪر رهيو آهي، جيڪو مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي بئنڪس ۽ مالياتي ادارن جو صدر ۽ اهم عهدن  تي پڻ پنهنجون ذميواريون نڀايون آهن. عثماني ابوظهبي اسلامڪ بئنڪ جو”هول سيل بئنڪگ“ جو گلوبل هيڊ به رهي چڪو آهي. عارف عثماني نومبر 2017 کان مشرق بئنڪ جو صدر هو. پاڪستان ۾ وڏي عرصي تائين ڪم ڪندڙ سٽي بئنڪ (جيڪا بعد ۾ پاڪستان مان پنهنجو ڪاروبار بند ڪري وئي) جو ايم ڊي ۽ سٽي ڪنٽري آفيسر طور پڻ پنهنجون ذميواريون نڀايون. عارف عثماني ابتدائي ڏينهن ۾ سٽي بئنڪ پاڪستان ۾ 1981 ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون ۽ مختلف عهدن تي رهيو. پنهنجي 35 سالن جي ڪيريئر دوران سعودي عرب جي ٻئي نمبر وڏي بئنڪ سامبا  ۾ 1989 کان 1994 تائين مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *