Friday , April 19 2024

ناظم آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ڊي ايس پي جو ڀاءُ قتل

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار)ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد انڊر پاس وٽ هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ ۾ ڊي اسي پي جو ڀاءُ مارجي ويو، مارجي ويل نوجوان سان گاڏي ۾ گڏ ويٺل عورت کي پوليس حراست ۾ وٺي بيان رڪارڊ ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا هڪ ئي نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا هئا. مقتول ناري کي روزانو گهر ڇڏڻ ويندو هو.

ناظم آباد انڊر پاس وٽ هٿياربندن  هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ڀڄي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نجي ڪمپني جو آفيسر ٿڏي تي مارجي ويو، گاڏي ۾ موجود عورت فرحت سلطانه واقعي جي فوري بعد گاڏي مان لهي رڪشا ۾ رواني ٿي وئي. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد لياقت مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته، مارجي ويل نوجوان ڊي ايس پي رفاقت علي جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو. ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول اصغر ۽ ناري فرحت سلطانه هڪ نجي ڪمپني ۾ گڏ ڪم ڪندا هئا. ناري واقعي واري هنڌ تان فوري طور رواني ٿي وئي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته، مقتول ناري کي روزاني ڪمپني مان کيس پنهنجي گاڏي ۾ گهر ڇڏي ويندو هو، ناري جو بيان رڪارڊ ڪري ٻنهي جي موبائل فونز جو به معائنو ڪيو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *