Thursday , March 28 2024

ناصر شاهه موسٽ فيورٽ، پ پ جو فارورڊ بلاڪ، حليم عادل شيخ ۽ فيڊيڊ نيوز – موڳو مٽر

ناصر شاهه موسٽ فيورٽ، پ پ جو فارورڊ بلاڪ، حليم عادل شيخ فيڊيڊ نيوز – موڳو مٽر

” ڪجهه عرصي کان ناصرشاهه صحافين جي صلاحن تي ها ۾ ها ملائيندو هو پر عمل نه؛ انڪري سندس سمورا معاملا سڌا هلي رهيا هئا، اوچتو الائي جي ڪنهن جي چوڻ تي، سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي ۽ پاڻ کي مضبوط اميدوار هجڻ واريون خبرون هلرائي پاڻ کي  ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو اٿس“؛ اهو چوڻ آهي ناصر شاهه جي هڪ پراڻي ۽ ويجهي دوست جو. ڪراچي ۾ ڇا اڪثر وڏن شهرن ۾ ائين ٿيندو آهي، ”فيڊيڊ نيوز ۽ فيڊنگ اشوز“، تي هٿ صاف ٿيندا رهندا آهن. مثال طور تي زراعت کاتي (صرف مثال طور ) جو سيڪريٽري، چاهي ٿو ته هُو ليبر کاتي جو سيڪريٽري ٿئي. پوءِ ڇا ڪندو، جو پنهنجي ”هم خيال“، صحافي جو فون کڙڪائيندو ۽ وڏي خبر ڏيڻ جو چئي کيس جلد ملڻ جو چوندو. خبر ان صحافي کي به هوندي ته خبر وڏي ڪهڙي آهي.

پوءِ ٻنهي جي ڪچهري ۾ ليبر کاتي (صرف مثال طور) جي بدانتظامي، فنڊن جو ناجائز استعمال، فنڊز استعمال نه ٿي سگهڻ، فنڊز جاري نه ٿيڻ سبب منصوبا رلي وڃڻ ۽ بجيٽ ليپس ٿيڻ سميت انيڪ قسم جون ڪوتاهيون ۽ خاميون بيان ٿينديون. موڪلائيندي موڪلائيندي سيڪريٽري صاحب ٻين کي به ڏيڻ جي تاڪيد ڪندو. پوءِ اڳي ته ٻئي ڏينهن ۽ هاڻي هڻ کڻ لڳي پئي آهي، ٽي وي چئنل واٽس ايپ رپورٽنگ گروپ ۽ پوءِ هڻ هڻا شروع ٿي ويندي. نيٺ هڻ ته چتي سيڪريٽري ليبر ڪلٽي ۽ زراعت کاتي واري سيڪريٽري جا ڪُنڊا ته اڳئي لڳا پيا هئا رڳو ڇڪ ڏيڻ جي ضرورت هئي.

بلڪل اهڙي طريقي سان ڪنهن وزير جا ڪم لاهڻ به سولو آهي. ….

هي جيڪو تازو جي آءِ ٽي جي رپورٽ کانپوءِ محشر متو سنڌ جي وڏي وزير بوبڪائي سيد …. اوه نه نه سيد مراد علي شاهه کي تبديل ڪرڻ جو…. ان لاءِ شروعات حليم عادل شيخ کان  ٿي، هڪڙي همراهه کي سياري جي سرد راتين ۾ نيو ايئر لاءِ ڪو ٿاڪ ۽ ڪڙي پاڻي جو انتظام ڪرڻو هو… سنگت جي ته جي آءِ   ٽي هڻي لاٽري کولي ڇڏي. هڪڙو فون کڙڪايو ” سائين حليم صاحب ڇا حال آهي، مراد علي شاهه جو نالو به اچي ويو جي آءِ ٽي ۾؟ جواب مليو ها اچي ويو، پر چون ٿا آخري ٽائيم تي ان جو نالو شامل ٿيو آهي؟ . هيڏانهن همراهه وري داءُ هنيو پوءِ استعيفيٰ  جو مطالبو ته پي ٽي آءِ کي ڪرڻ گهرجي، ڀلا مراد علي شاهه جي تبديلي جي صورت ۾ پي ٽي آءِ ڇا ڪندي…

ابا پوءِ اها کڙڪ الائي ڪيئن وڃي اسلام باد پهتي ۽ ٻڙڌڪ مچي ويو………..

هيڏانهن وري سکرائي سيد جي سنگت به اصل صفا تيار ويٺي هئي، بس کيس ٻکي کڻي وڃي سي ايم هائوس ۾ ويهاريئون…

فيڊنگ…

پيپلز پارٽي وڏي وزير جي استعيفيٰ جي صورت ۾ وڏ وزارت لاءِ نالن تي غور، سعيد غني، ناصر شاهه…….. وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل…..ذريعا

سعيد غني وڏ وزارت لاءِ فيورٽ اميدوار……ذريعا

ناصر شاهه وارن ته هڻي هنڌ ڪيو ناصر شاهه کي نه رڳو ڪليئر قرار ڏنو پر معاملا طئه ڪرڻ خاطر صلاح مشوري لاءِ بلاول هائوس ۾ اجلاس سڏائي ورتو……..

اجلاس کان اڳ ۾ ناصر شاهه ۽ بلاول جي ون ٽو ون ملاقات به ڪرائي ڇڏي……..

ناصر شاهه بلاول هائوس مان نڪرندي…… ڀڻڪيو ضرور هوندوته …… مارائي ڇڏيئون، هاڻي مولا ڪري منسٽري بچي……

وڏي وزير ٿيڻ لاءِ ”لابنگ نيوز“ هلائيندڙ سنگت ته نظر ڪو نه پي آئي پر ناصر شاهه کي تڙتڪڙ ۾ وضاحت ڪري چوڻو پيو ته، ابا نه اهي خبرون بي بنياد آهن، انه  ۾ صداقت ناهي، ميڊيا کي تصديق ڪرڻ گهرجي …….. وغيره وغيره ان حوالي سان جيڪا ڳالهه چوڻي هجي سکرائي سيد اوهه نه نه سيد ناصر شاهه وضاحت ڪري ڇڏي……..

بس هوڏانهن نيو ائير نائيٽ به گذري وئي خيرن سان……

هاڻي ناصر شاهه ڄاڻي ته حليم عادل شيخ ڄاڻي، پي ٽي آءِ ڄاڻي ته پيپلز پارٽي……. وري ڪو ٻيو موقعو ڪاڏي ويندا………

پر ناصر شاهه ۽ سعيد غني سان ڇا ٿيندو اها خبر ته موڳي مٽر کي ناهي، ڪنهن سياڻي وٽ هجي ته ڪن ۾ (ميسيج تي) ٻڌائي ته مهرباني ٿيندي…………

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *