Saturday , April 20 2024

ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا، سنڌسماءَچار جي خبرن رنگ لاتو

ڪراچي / نارو(اصغر آزاد / خاص نمائندو سنڌسماءَچار) خيرپور جي سرحدي تعلقي ناري ۾؛ پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻن پاران قبضي ڪيل 30 ٻيلن جي 13 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين بابت رپورٽ سنڌ حڪومت بيورو ڪريسي ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. سنڌ جي ٻيلي کاتي پاران ناري تعلقي سميت سڄي سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن بابت جامع رپورٽ جوڙي ورتي آهي. ٻيلي کاتي جي اختيارين کان سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ٻيلي کاتي پاران کاتي جي زمينن ۽ ٻيلن تي ٿيل قبضن بابت رپورٽ عوام لاءِ پڌري ڪرڻ جي رٿا تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي تي ٻيلن موجود ٻيلن ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن جا مڪمل تفصيل سهيڙيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، گهوٽڪي، سکر، قمبر- شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور (ميرس)، نوشهرو فيروز، نوابشاهه، سانگهڙ، حيدر آباد، ڄامشورو، سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن جا تفصيل مرحليوار عوام لاءِ جاري ڪيا ويندا. ذريعن اها به دعوا ڪئي آهي ته، هن مرحلي ۾ کيس تمام گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

سنڌ سماءَ چار جي معلومات مطابق ٻيلي کاتي جون زمينون ڪنهن  ڪنهن جي قبضي، ليز يا وري مختلف طريقن سان سنڀال ورتل آهن، انهن سمورن ماڻهن جا به تفصيل جوڙيا ويا آهن، جيڪي جاري ڪيا ويندا، تفصيل جاري ڪرڻ جو هڪڙو آپشن اهو به آهي ته اُهي اخبارن ۾ اشتهار ذريعي پڌرو ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومتي سطح تي اهو ممڪن نه بڻجي سگهي ته پوءِ ٻيلو کاتو ڇا ڪندو؟ واري سوال جي جواب ۾ ٻيلي کاتي جي عملدار سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، اسان وٽ آخري آپشن عدالت آهي، سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، جنهن ۾ اُهي تفصيل به شامل ڪري ڇڏبا.

ٻي طرف ناري مان سنڌ سماءَچار جي خاص نمائندي کان مليل ڄاڻ مطابق، ڪجهه هفتا اڳ ناري ۾ ٻيلا ختم ٿيڻ ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن بابت سنڌسماءَچار تي هليل اسٽوري کانپوءِ ناري، ڪوٽڏيجي ۽ ڦير جو ڳوٺ جي بااثر ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پيل آهي. ٻيلي کاتي جي ضلعي عملدارن به زمينن جا تفصيل اختيارين کي اماڻي ڇڏيا آهن ۽ مقامي سطح تي ٻيلي کاتي جي زمينن تي ويٺل ماڻهن کي زباني چيو ويو آهي ته اُهي پنهنجو بِلو ڪن ۽ چڱائي ان ۾ ئي آهي ته اُهي زمينن مان هٿ ڪڍن.

سنڌسماءَچار تي هليل تفصيلي رپورٽ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين پ پ ۽ ف ليگ اڳواڻن کي الاٽ ٿيل، 13 هزار ايڪڙ ٻيلا تباهه

منظور وساڻ جو مائٽ مريد وساڻ وٽ ٻيلي کاتي جي7900 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو مالڪ بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *