Tuesday , April 23 2024

نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي،سڄاڻ ڌريون خاموش

نادرا   چيئرمين عثمان مبين

ڪراچي( اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) نادرا جو چيئرمين عثمان مبين پ پ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي راضپي سان؛ ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين ۽ برمين سميت ٻين ملڪن جي ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ هن ڊفينس فيز ون ڪراچي ۾ قائم نادرا سينٽر ۾ نام نهاد ڇاپو هڻي بنگالين، برمين افغانين سميت ٻين غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾ قانوني رڪاوٽ بڻجندڙ ٻن ڊائريڪٽرز سميت سموري عملي کي  معطل ڪري ڇڏيو.

نادرا چيئرمين جنهن کي اڳوڻي گهرو وزير مختلف معاملن ۾ غيرقانوني قدم کڻڻ تي معطل ڪيو ان کي موجوده گهرو وزير بحال ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ غير قانوني طوور ترسيل پرڏيهين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. ”سنڌسماءَچار“ اڳ به اهڙيون خبرون هلائي چڪي آهي پر ان جو ڪنهن به سياسي سماجي تنظيم توڙي سڄاڻ ڌرين ڪو به نوٽيس نه ورتو.

سنڌ جي سياسي، سماجي قيادت کي ڪڏهن هوش ايندو؟؟ هي ڪنهنجو گهر پيو لٽجي(قاضي آصف جي ٿورن سان)

مون ڪجهه ڏينهن اڳ، جماعت اسلامي ۽ نادرا جي حوالي سان پوسٽ رکي هئي. ان تي دوستن سٺا ڪمينٽس ڏنا، پرڪنهن سياسي، سماجي جماعت ڪو به عملي ڪم ته ٺهيو، ميڊيا ۾ بيان به نه ڏنو. سياسي سماجي پارٽيون ته پنهنجي جاءِ تي سنڌي ميڊيا به ان معاملي کي سنجيدگي سان ڌيان نه ڏنو. اربع ڏينهن 14 مارچ تي ڪراچي ۾ ڇا ٿيو، آهي ڪنهن کي خبر، ڪنهن جي ڪن تي جوئن چري؟؟

نادرا جي چيئرمين عثمان مبين کي سابق وفاقي گهرو وزير عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کي وري بحال ڪيو ويو آهي ۽ هو گذريل ڪجه ڏينهن کان سڄو ملڪ ڇڏي ڪراچي ۾ سرگرم آهي. هو قومي اسيمبلي به پاڻ آهي ته قانون ٺاهيندڙ به پاڻ آهي. ڊفينس مرڪز تي هن اتان جي ملازمن تي زور رکيو ته بنگالي، برمي، افغاني سميت ڪير به اچي، انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيو، تصديق جي ضرورت ئي ناهي. اتان جي ملازمن کيس چيو ته توهان لکت ۾ اهڙو آرڊر ڏيو ته اسان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ملازمن جي ان قسم جي سوال جواب ڪرڻ تي، هن ڊفينس نادرا جي سموري اسٽاف ڪي سسپنڊ ڪري ڇڏيو. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به ناهي پر ڪراچي جي سينٽرز لاءِ سرڪيولر ڪڍيو ويو آهي ته اهي صبح نو وڳي کان رات نو وڳي تائين کليل رهندا. ٻارنهن ڪلاڪ ڌڙا ڌڙ ٻاهرين ملڪن ۽ صوبن جي ماڻهن جا سنڌ جي شهريت جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيند. ياد رهي ته ٽي ميگا سينٽرز اڳ ۾ ئي 24 ڪلاڪ کليل آهن..جن بهارين، بنگالين، برمين، افغانين جا ڪارڊ 2010 يا 2011 ۾ ايڪسپائر ٿي ويا هئا اهي به هاڻي ان پاليسي کان رنيو ڪرائڻ پيا اچن. ڪراچي ۾ جيڪو ملازم هن جي غير قانوني ڳاله نه ٿو مڃي يا سوال ڪري ٿو، اهو سسپنڊ. هيڏانهن اسان جي يارن کي پرواه ئي ناهي، ته هي ڪنهن جي ڀينگ ٿي رهي آهي …ڪنهن جي گهر ٿو برباد ٿئي….توهان پنهجي راءِ ڏيو، ڪو عملي ڪيم ڪيو. ڇو نه نادرا جي چيئرمن ۽ ڊي جي نادرا سنڌ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون 

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

بنگالين۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ جو مامرو- سنڌسماءَچار سميت سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ واسين جو رد عمل! پ پ جُهڪي پئي

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *