Tuesday , April 23 2024

نئين مالي سال 2017-18 جي 9 کرب 98 ارب رپين کان وڌيڪ واري سنڌ بجيٽ اڄ پيش ٿي رهي آهي، بجيٽ گهاٽي واري هوندي

si ndh budget

نئين مالي سال 2017-18 جي 9 کرب 98 ارب رپين کان وڌيڪ واري سنڌ بجيٽ اڄ پيش ٿي رهي آهي، بجيٽ گهاٽي واري هوندي – سنڌ جي نئين مالي سال 2017-18 جي بجيٽ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي پئي وڃي وڏو وزير مراد دعلي شاھ سنڌ اسميبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪرڻ کان اڳ سنڌ ڪابينا جي سي ايم هائوس ۾ سڏايل اجلاس ۾، بجيٽ جي منظوري وٺندو، جنهن بعد شام جو 4 وڳي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تقرير ڪري نئين مالي سال جي گهاٽي واري بجيٽ پيش ڪندو. سنڌ جي گهاٽي واري پيش ٿيندڙ ۾ سي ايم هائوس، گورنر هائوس، صوابديدي اختيارين تحت خرچ ٿيڻ واري رقم، وڏي وزير پاران تحفا ڏيڻ، وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌايل خرچن واري تجويزن تي مشتمل بجيٽ پيش ڪئي ويندي. جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن جي  پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو پڻ اعجلان ڪيو ويندو.

مختلف ضلعن ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان 3 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيندو

ڪراچي: نئين مالي سال18- 2017 جي بجيٽ ۾ عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر ۽ گهوٽڪي سميت 8 ضلعن ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 3 ارب رپين جي لاڳت وارو ملٽي سيڪٽر ايڪشن فار نيوٽريشن منصوبي جو پڻ اعلان ڪيو ويندو، ذريعن موجب عالمي بينڪ ڄاڻايل 8 ضلعن ۾ نيوٽريشن پروگرام لاءِ 3 ارب رپين جي گرانٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي، انهي رقم سان صوبي جي 8 ضلعن ۾ ڄاڻايل منصوبو شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ زراعت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي سميت مختلف کاتا گڏيل طور ڪم ڪندا.

تيزاب گردي جي متاثرن جي امداد لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: نئين مالي سال18- 2017 جي بجيٽ ۾ پهريون ڀيرو تيزاب متاثرن لاءِ پڻ رقم رکي ويندي. ذريعن موجب وومين ڊولپمينٽ کاتي جي انهي اسڪيم لاءِ هن ڀيري 10 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويندا، انهي منصوبي تحت صوبي ۾ تيزاب جي وڪري لاءِ قانون جوڙي ان تي عمل ڪرائڻ سان گڏ ڪنهن به واقعي ۾ تيزاب ساڙي زخمي ڪيل کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ مالي مدد پڻ ڪئي ويندي.

تعليم کاتي ۾ ساڍا 8 هزار نين نوڪرين لاءِ 2هزار 713 ملين رپيا رکڻ جي تجويز

ڪراچي: نئين مالي سال18- 2017 جي بجيٽ ۾ تعليم کاتي ۾ 9 هزار 22 نوڪريون ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ 2713 ملين رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي ويندي، ذريعن موجب گذريل مالي سال 2016 / 2017 دوران تعليم کاتي ۾ ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ پوسٽن لاءِ تيار ڪيل ايس اين اي جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ 286 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، گذريل مالي سال دوران نين نوڪرين لاءِ 703 ملين جي ايس اين اِي منظور ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ايندڙ مال سال لاءِ 2713 ملين رپين جي ايس اين اي منظور ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *