Saturday , April 20 2024

نئين ديري جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻه ڌريون وڙهي پيون،ذاتي انا تان 2 ڄڻا قتل

لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) نئون ديرو جي ڪچي واري علائقي هڪ برادري جي ٻن ڌرين پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻن جي حياتي جا ڏيئا اجهامي ويا. ڪچي جي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ ڪڙيو برادري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين هٿارن جو سري عام استعمال ڪيو ۽ هڪٻئي تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ذاتي انائن جي تسڪين لاءِ هڪ ڌر مخالن جي ٻن ڄڻن جي حياتي جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ مون ڪڙيو ۽ صدورو ڪڙيو جي نالن  سان ٿي وئي آهي. ڌرين ۾ تڪرار دوران ٻن ڄڻن جي مارجڻ بعد ڪچي واري علائقي ۾ خوف وارو ماحول پکڙجي ويو آهي. پوليس جوابدارن کي گرفتار به ناهي ڪري سگهي. ذاتي انائن جي تڪسين لاءِ ڌريون وڌيڪ هٿياربند گڏ ڪري رهيون آهن، جنهن سبب وڌيڪ انساني حياتين جي زيان جو خدشو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *