Tuesday , April 23 2024

نئون ديرو مان گم ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ جو ڏس پتو نه پيو، جيجل امڙ کي بيهوشي جا دورا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) نئون ديرو ۾کير وٺڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد پراسرار طور گم ٿيل نينگري ۽ سندس اڍائي سالن جي ڀاءُ جو ٻئي ڏينهن به پتو نه پيو، وارثن کير وڪرو ڪندڙ پاڙيسرين تي ٻار گم ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، پوليس ٽن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي. نئون ديرو جي کهڙا پاڙي مان کير وٺڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد پراسرار طور گم ٿيل 12 ورهين جي نينگري ڪائنات ناريجو ۽ سندس اڍائي سالن جي ڀاءُ نور جو ٻئي ڏينهن به پتو پئجي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري سندن گهر ۾ ڪهرام متل آهي.وارثن پاران گهر ۾ قران جو ورد شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امڙ سميت ٻين گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پڻ پئجي رهيا آهن.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو تنوير تنيو ٻارڙن جي پراسرار طور گمشدگي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن کهڙا پاڙي ۾ ليڊيز پوليس ساڻ ڪري شڪ هيٺ آيل گهرن جي تلاشي ورتي. پوليس شڪ جي بنياد تي پاڙي جي ٽن ڄڻن محسن مهر، اوشاق ۽ حفيظ کهڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي گم ٿيل ٻارڙن جي والد طارق ناريجو کير وڪرو ڪندڙ پاڙيسري سلطان کهڙو تي ٻارڙن کي گم ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته ٻارڙن کي لڪائڻ ۾ پاڙيسري ملوث آهن. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي گم ٿيل ٻارڙن کي هٿ ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *