Friday , March 29 2024

نئون ديرو مان گم ٿيل ٻه ٻارڙا ڳولا باوجود هٿ نه آيا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو ( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) نئون ديرو شهر جي کهڙا پاڙي مان ٻه ٻارڙا پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، گم ٿيل ڀاءُ ڀيڻ ڳولا باوجود هٿ اچي ناهن سگهيا، پوليس اڃا تائين ٻارڙن جي ڳولا لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي نئون ديرو کي هدايت ڪئي آهي ته ٻارڙن کي ڳولهي هٿ ڪري وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي. شهر جي کھڙا محلي مان ڇھين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪائنات اڍائي ورھين جي ڀاءُ نور ناريجو کي ساڻ ڪري پاڙيسري اوشاق کھڙو جي گھران کير وٺڻ وئي ته واپس گهر نه پهتا. وارثن جو چوڻ آهي ته، ڪائنات ۽ نور ناريجو جي گمشدگي جو پوليس کي به اطلاع ڪيو ويو آهي پر پوليس ٻارڙن جي ڳولا ۾ ڪا به مدد نه پئي ڪري. هنن چيو ته، ٻارڙا گهر واپس نه موٽڻ تي وارثن پاڙيسري کان پڇا ڳاڇا ڪئي، جن ٻڌايو ته نينگري ڪائنات 100 سئو روپيا کليا ڪرائڻ وئي ته واپس نه موٽي آئي. ان سلسلي ۾ ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ حد جي ايس ايڇ او کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته فوري طور تي ڪارروائي ڪري ٻارڙن کي ڳوليو وڃي ۽ٻارڙن کي هٿ ڪري وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *