Friday , April 19 2024

مڪاني ادارن جي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي ( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪاني کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ملازمن لال ڏنو ۽ محمد بخش سومرو جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوويو. نئون ديري ۾ حافظ مشتاق ڪوريجو، نثار ڀٽو ۽ بشير شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيوويو. نصيرآباد ۾ شبير جويو ۽ اختر شاهه جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو. باقراڻي ۾ ٽائون ڪميٽي آريجا جي ملازمن اياز شاهه ۽ آفتاب شيخ  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. خانپورمھر ۾ ارشاد مھر، غلام قادر رڪ ۽ راشد مھر جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو. رتيديري ۾ عبدالھادي مرکياڻي ۽ وزير ٻٻر جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مدئجي ۾ ملازمن محمد پناهه ۽ بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. قبو سعيد خان ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. موهن جو دڙو ۾ فياض سومرو ۽ زاهد گل ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو. جوهي ۾ خميسو جمالي ۽ شمس الدين پهنور جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب آڏو جوهي دادو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.

قاضي احمد ۾ نبي بخش کوسو، زاهد انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته سڀني کاتن جا ملازم هر مهيني جي پهرين تاريخ تي آن لائن پگهارون کڻن ٿا پر اسان کي سهولت مليل ناهي. هنن چيو ته پگهارن مان غيرقانوني ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن، جيڪا ملازمن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پگهارون ٽريزري ذريعي آن لائين ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري پگهارن مان غيرقانوني ڪٽوتيون ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *