Thursday , March 28 2024

مٺي: پ پ حڪومت جو ڪارنامو، آر او پلانٽ ۾ پاڻي جي گنجائش 5 لک گئلن ، سپلاءِ 20 لک گئلن ..!!

سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاڻي ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ پٽيشنر شهاب اوستو مٺي ۽ بدين پيڻ جي پاڻي جي صورتحال ۽ آر او پلانٽ جو معائنو ڪيو، ڪميشن سربراهه آر او پلانٽ هلائيندڙ ڪمپني کان پڇاڻو ڪيو ته آراو پلانٽ جي مجموعي گنجائش 5 لک گيلن آهي ته پوءِ شهرين کي روزانو 20 لک گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪيئن پئي ڪئي وڃي. سنڌ ۾ شهرين کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل ڪميشن جي ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ، پٽيشنر شهاب اوستو انتظامي ۽ عدالتي عملدارن سان گڏجي ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ مٺيءَ وٽ لڳايل آر او پلانٽ ، اسٽور ٽئنڪس،۽ نهري پاڻي فراهم ڪندڙ رڻ شاخ جو معائنو ڪيو. ان موقعي ڪميشن سربراهه آر او پلانٽ هلائيندڙ ڪمپني اوسس جي عملدارن کان پڇيو ته آراو پلانٽ جي مجموعي گنجائش 5 لک گيلن آهي ته پوءِ شهرين کي روزانو 20 لک گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪيئن پئي ڪئي وڃي. شهرين ۽ صحافين ڪميشن کي ٻڌايو ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ رڻ شاخ ذريعي مهيني ۾ 2 ڀيرا نهري پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو جيڪو پيئڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته آر او پلانٽ مان ملندڙ روزانو 5 لک گيلن پاڻي کارو هجڻ سبب پيئڻ بدران ڪپڙا۽ ٿانو ڌوئڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته پوءِ ڀلا شهرين کي روزانو آ ر او پلانٽ بدران نهري پاڻي ڇو نه ٿو فراهم ڪيو وڃي، ان تي پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ جي عملدارن ڪميشن کي ٻڌايو ته ان لاءِ پائپ لائين جي ضرورت پوندي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت بجيٽ منظور ڪري ڇڏي آهي ۽ ان تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. پاڻي ڪميشن جي سربراهه بدين ۾ موجود ٻن واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو دورو ڪري پاڻي جا سيمپل ورتا. بدين شهر مان گذرندڙ مک شاخ قاضيه واهه جو پڻ پاڻي ڪميشن جي سربراهه دورو ڪيو ۽ قاضيه واهه ۾ پوندڙ گٽرن جَي پاڻيءَ جو ڇوڙ ڏٺو. پاڻي ڪميشن جي سربراهه جي بدين جي دوري وقت بدين واسين جي وڏي انگ ڪميشن اڳيان شڪايتن جاانبار لڳائي ڇڏيا. بدين واسين ڪميشن جي سربراهه کي ٻڌايو ته بدين جي ٻه لک آبادي کي گندو ۽ بدبوءِ دار پاڻي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گٽرن جو پاڻي مليل هوندو آهي. اهڙين دانهن تي ڪميشن جي سربراهه ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ بدين جي پيئڻ جي پاڻي جا فلٽر پلانٽ ڏٺا ۽ پاڻي جا سيمپل ورتا. هوڏانهن عدالتي ڪميشن جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوشهروفيروز ٻين عملدارن سان گڏجي ڊرينيج نظام، آر او پلانٽس جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ۽ مختلف اسڪيمن جا دورا ڪيا. ٽيم مَچر ۽ ڀريا سٽي ۾ مختلف ڊرينيج اسڪيمون گهمي ڏٺيون، ان موقعي تي اڪثر ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره نظر آيا، جڏهن ته پائيپ به هنڌان هنڌان ٽٽل هئا ۽ موٽرون پڻ چوري ٿيل هيون. ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوشهروفيروز، ڀريا سٽي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان 10 سال اڳ 8 ايڪڙن تي جوڙايل ڪنڊو پير واٽر سپلاءِ اسڪيم تي پهتو جتي تلاءَ گندگي سان ڀريل ۽ اسڪيم جو ڪم رولڙي جو شڪار هو. ڪامورن سيشن جج کي ٻڌايو ته اها اسڪيم 2 ڀيرا روائيز ٿي آهي هاڻي به ڪاغذ موڪليل آهن، هيل تائين 3 ڪروڙ رپيا پلاٽ کان علاوه خرچ ٿيا آهن. سيشن جج عبدالغني سومرو رماڪس ڏنا ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته 3 ڪروڙن جي رقم خرچ ٿيڻ باوجود به ماڻهن کي هن اسڪيم مان پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه مليو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *