Thursday , March 28 2024

ميگا ڪرپشن، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

Nawaz Sharif Pnama1
سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ميگا ڪرپشن پاناما ليڪس تي سمورين ڌرين جي دليلن بعد، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران خميس ڏينهن 23 هين فيبروريءَ تي سپريم ڪورٽ ۾ آخري ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران تحريڪ انصاف، شيخ رشيد احمد ۽ جماعت اسلامي جا جوابي دليل مڪمل ٿي ويا، جنهن بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس اهڙو ڪيس ناهي جنهن ۾ مختصر فيصلو ڏنو وڃي، ان تي تفصيلي فيصلو ڏنو ويندو.
سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته، پاناما ڪيس بابت سمورين ڌرين جي پيش ڪيل دستاويزن ۽ موقف جو گهڻ رخو جائزو وٺي ان بعد فيصلو ٻڌايو ويندو.
خميس ڏينهن 23 هين فيبروري تي، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جي حوالي سان آئيني درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس آصف کوسا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ۽ جماعت اسلامي جي وڪيل پنهنجا جوابي دليل مڪمل ڪيا، جنهن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

Panama 1
جوابي دليلن جي خاتمي تي جسٽس کوسا جو چوڻ هو ته ڪيس کي مختلف پاسن کان ڏسي رهيا آهيون، اسين ڪجهه وقت تائين ڪيس جو مختلف رخن جا جائزو وٺنداسين.
جسٽس کوسا چيو ته سمورن وڪيلن عدالت جي بهترين مدد ڪئي، جنهن تي شڪرگذار آهيون.
پاناما ۾ سپريم ڪورٽ نئين سر ڪيس جون 26 ٻڌڻيون ڪيون، سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد درخواستون داخل ڪرايون هيون.
عمران خان طرفان نعيم بخاري ۽ وزيراعظم طرفان مخدوم علي خان دليل ڏنا، جڏهن ته مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ اسحاق ڊار جي نمائندگي شاهد حامد ڪئي.
وزيراعظم جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جو دفاع وڪيل سلمان اڪرم راجا ڪيو، شيخ رشيد احمد پنهنجي ڪيس جي پيروي پاڻ ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان توفيق آصف پيش ٿيو.
پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ نيب چيئرمين ۽ ايف بي آر چيئرمين کي به طلب ڪيو……

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *