Friday , March 29 2024

ميونسپل انتظاميا مٺي جي لاجواب ڪارڪردگي، نم جا وڻ وڍائي ڇڏيا

مٺي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پ پ اڳواڻ ۽ مٺي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين منوج ڪمار لاجواب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پريس ڪلب آڏو بيٺل وڻ وڍائي ڇڏيا آهن، وڻن جي واڍي خلاف صحافين احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ٻيلي کاتي جي عملدار جو چوڻ آهي ته منع ڪرڻ باوجود وٺ وڍرايا ويا آهن.

مٺي پريس ڪلب اڳيان ٻيلي کاتي طرفان پوکيل نم جا وڻ ميونسپل انتظاميا وڍرائي ڇڏيا، جنهن خلاف صحافين ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو. ميونسپل ڪميٽي چيئرمين جي حڪم تي  انتظاميا پاران پريس ڪلب اڳيان بيٺل نم جا 2 وڻ وڍرائڻ خلاف صحافين ۽ شهرين احتجاج ڪندي چيو ته ميونسپل چيئرمين منوج ملاڻي کي وڻ وڍرائڻ کان منع ڪيو پر هن هڪ به نه ٻڌي. فاريسٽ آفيسر ڪشور مهيشوري ٻڌايو ته اسان به چيئرمين کي وڻ وڍرائڻ کان منع ڪيو هو پر هن وڻ وڍرائي ڇڏيا آهن. شهرين ۽ صحافين چيو ته ڪجهه سال اڳ ٻيلي کاتي پريس ڪلب اڳيان نم جا وڻ پوکيا هئا، جيڪي ميونسپل انتظاميا وڍرائي ناانصافي ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پريس ڪلب اڳيان نم جا وڻ وڍرائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *