Thursday , March 28 2024

ميهڙ ۾ 3 ڄڻ جو قتل وارو معاملو: پوليس سردار چانڊيو کي ۽ ٻين کي بچائڻ چاهي ٿي: صدا چانڊيو

حيدر آباد ( رپورٽر     سنڌسماءَچار)  ميهڙ ۾ ٻن پٽن سوڌو قتل ٿيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو جي پوٽـَي صدا حسين چانڊئي چيو آهي ته سمورا ثبوت موجود هجڻ باوجود واقعي ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي، حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صدا حسين چانڊئي چيو ته منهنجي ڏاڏَي، والد ۽ چاچـَي کي ايم پي اي سردار چانڊيو جي چـُرچَ تي قتل ڪيو ويو  آهي ۽ اسان وٽ قاتلن ۽ سردار چانڊيو وچ ۾ فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جو آڊيو ريڪارڊ به موجود آهي .حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدا حسين چانڊئي چيو ته 17 جنوري تي منهنجي والد،ڏاڏي ۽ چاچي کي ميهڙ ۾ قتل ڪيو ويو. هن چيو ته هي واقعو سردار چانڊئي جي چرچ تي ڪيو ويو.جڏهن ته ڪيس جي مک جوابدار مرتضيٰ چانڊئي کي به هينئر تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي. موبائل سي ڊي آر  مطابق مرتضيٰ چانڊئي سردار چانڊئي کي 5 ميسيج ۽ 11 سيڪنڊن جي ڪال ڪئي.صدا حسين وڌيڪ ٻڌايو ته هي واقعو 17 جنوري  تي صبح جو 9 وڳي پيش آيو،جڏهن ته پيپلز پارٽي جو جلسو شام جو 4 وڳي هو.هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس جو چالان پيش ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *