Tuesday , March 19 2024

ميلبرن:پاڪستان خلاف ٻين ون ڊي ۾ آسٽريليا پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 221 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو

ميلبرن: ڪينگروز ٽيم شروعات ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار رهي، ميلبرن ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي آسٽريليا پهريان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، آسٽريليا جو پهريون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر عثمان خواجا هو جيڪو 17 رنسن تي جنيد خان جو شڪار بڻيو، ڊيوڊ وارنر به 16 رنسن تي جنيد خان جي بال تي محمد رضوان کي ڪيچ ڪرائي ويٺو،  ڪينگروز جو ٽيون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ٽروس هيڊ 29 رنسون ٺاهيون، جنهن کي حسن عليءَ آئوٽ ڪيو، آسٽريليا جي پنجين وڪيٽ 128 تي ڪري جڏهن گلين ميڪسويل 23 رنسن تي عماد وسيم جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. ڇهون رانديگر ڪپتان سمٿ هو جيڪو 60 رنسون ٺاهي عماد وسيم جي بال تي آئوٽ ٿيو، ستون رانديگر ميٿيو ويڊ هو جنهن 35 رنسون ٺاهيون کيس شعيب ملڪ بولڊ ڪيو، اٺون رانديگر مچل اسٽارڪ هو جيڪو ٽن رنسن تي آئوٽ ٿيو، نائون رانديگر ڪمنز هو جيڪو ٻڙيءَ تي آئوٽ ٿيو ۽ آسٽريليا جو آخري رانديگر فالڪنر هو جيڪو 19 رنسن تي محمد عامر جي بال تي آئوٽ ٿيو. ايئن آسٽريليا پاڪستاني ٽيم کي ميچ کٽڻ جي لاءِ 221 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، آسٽريليا کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي مليل آهي

About Asghar Azad

Check Also

پي ايس ايل فائنل ڪراچي ۾ ئي ٿيندو، ڪنهن کي به مفت ۾ ٽڪيٽ نه ملندي:نجم سيٺي

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *