Tuesday , March 19 2024

مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي 22 ورهيه وهامي ويا (وکريل وجود جون ڳالهيون) اصغر آزاد

منهنجي هڪ يادگيري آهي ۽ ايتري پراڻي به ناهي لڳ ڀڳ ڪو سال کن ٿيندو شايد.

سمنڊ ڪناري تي هجوم باوجود اڪيلي رهندڙ سمنڊ سان رات جي وڳڙي ۾ سندس اڌمن مان سرور وٺي اتان موٽندي ڪلفٽن ٻه تلوار(دوتلوار ڪلفٽن) ڀرسان واري پپل هيٺان بيهي اکيون آليون ڪرڻ تي دل چيو…

يو ٽرن وٺي واپس ٿي پپل جي وڻ هيٺان بائيڪ بيهاري پاڻي جي اڌ بوتل هڪ ساهي ۾ ڏوگهي، سگريٽ دکائڻ لڳس ته، پوليس موبائل اچي وئي، هڪ اي ايس آءِ اچي دڙڪي واري انداز ۾ چيو، ” اتني رات گئي يهان پئ ڪيا ڪر رهي هو“، سندس لهجي مان سڃاڻيندي چيو مانس.

هي جاءِ ڏسين ٿو ۽ هُو اڳيان ڏس کاٻي پاسي وارو بنگلو خبر اٿئي ڪنهن جو آهي…….. بس …….. ٻه منٽ ڇڏ… هانءُ هلڪو ڪيان پوءِ وڃان ٿو، تلاشي وٺڻي اٿئي ته وٺ ڀل….

پوليس واري ته هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، مونکان ته ڳالهه ئي وسري وئي ته مان ڇو بيٺو هئس ۽ ڇا ڪرڻو هو…

همراهه کي پرچائي رهيو هيس ته، سندس صاحب به اچي ويو……

ڇا ٿيو ڇو ٿو روئين….

اي ايس آءِ کي مخاطب ٿيندي چيو ۽ مونکان پڇيو ڪير آهين؟ ڇا ڪيو اٿئي هن کي ڇو ٿو روئي؟

مان صرف ايترو پڇيو مانس، هي ڪهڙي جاءِ آهي، ياد اٿئي…..؟؟

تڏهن ڇا ڪندو هئين…..؟

هيڏي هوڏي ڏسي ٿڌو ساهه کڻي اي ايس آءِ کي ڳراٽڙي پائي کيس ڀاڪر ۾ ڀري منهنجي ڪلهي تي ٿڦڪي ڏئي موبائل طرف هليو ويو؛ ۽ مان اکيون آليون ڪرڻ بنا 500 جو ڪيل خرچ هوا ۾ اڏاري بائيڪ اسٽارٽ ڪري اچي گهر پهچي، جگجيت ۽ پڪنج ادهاس جا غزل پيو ٻڌان…. ( هڪ يادگيري).

ها…!! 22 سال اڳ

ان ڏينهن صبح جو جڏهن مان شاهراهه فيصل جي ناٿا خان اسٽاپ تان ڊي سيون مزدا ۾ آفيس وڃڻ لاءِ ويٺس ۽ بس پل ناٿا خان پل تي چڙهي ته ٽيپ رڪارڊر وڄڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ڪنهن انڊين فلم جو گانو پي وڳو. مون ڊرائيور کي چيو ”ٽيپ ڪيون چلائي هئي بند ڪرو اس ڪو“ جنهن تي ڊرائيور سوال ڪيو،”ڪيا هوگيا، آپ ڪو ڪيا پريشاني هئي“. سندس سوال تي مونکي ٻيو ته سمجهه ۾ ڪجهه ڪو نه آيو، سيٽ تان اٿي هلندي بس ۾ ڊرائيور وٽ پهتس ۽ چيو مانس ” سنو مجهي ڪيا تڪليف هئي، ائين چئي کيس ڪٽڪو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سنڌي ۾ الائجي ڇا چوندو رهيس، ايتري ۾ هن گاڏي سائيڊ ڪري بيهاري به ڇڏي هئي. مان پنهنجي ڪارروائي ڪري واپس وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيس. ڪجهه ساعتن بعد بس هلڻ لڳي. بس ۾ سانت ڇانيل هئي. مان نيپا چورنگي تي لهي آفيس هليو ويس.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو نياڻي فاطمه ڀٽو ۽ سياست!

مان هتي هڪڙي ڳالهه رڪارڊ جو حصو بڻائيندو هلان ته، جڏهن به شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي يا سالگرهه ايندي آهي ته مختلف ڪارنرز کان اهني خبرون هلرايون وينديون آهن، ته شهيد مير جي نياڻي فاطمه ڀٽو عملي سياست جو فيصلو ڪري ورتو آهي… فاطمه ڀٽو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم اعلان ڪندي…. فاطمه ڀٽو پاران سياست ۾ اچڻ لاءِ مير جي ويجهن سياسي ساٿين سان صلاح مشورا وغيره وغيره…

منهنجو ذاتي تجربو / مشاهدو آهي ته پيپلزپآرٽي جي ڪجهه جهونن اڳواڻن (جيڪي پ پ ۾ هوندي به پارٽي جي ليڊرشپ سان گهٽ لهه وچڙ ۾ اچن ٿا، هو سرگرم به گهٽ هوندا آهن پر پنهنجن پنهنجن انهن جيالن ڪارڪن جي ڪم ايندا آهن جن کي اڄوڪي پ پ پ جا وس وارا لفٽ ناهن ڪرائيندا)، انهن به 2005 ڌاري،جڏهن سندس عمر اڃا 25 سال به نه ٿي هئي، اهڙي خواهش ڏيکاري هئي ته، فاطمه جي سياست ۾ اچڻ واري فيصلي جي خبر هلاءِ. ان خبر جي لاءِ جڏهن جاچ پڙتال ڪئي ته ان ۾ ڪا به صداقت نه هئي ۽ مان ان خبر جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، پر اها خبر سال ڌيڍ ۾ گردش ضرور ڪندي رهندي آهي ۽ منهنجو موقف ساڳيو ئي هوندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *