Saturday , April 20 2024

ميرپور ساڪرو ويجهو سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي، 22 ڄڻا ٻڏي فوت، 40 کان وڌيڪ جي ڳولا

ميرپور ساڪري ڀرسان سمنڊ ۾ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب فوت ٿيلن مان وڌيڪ 6 ڄڻن جا لاش هٿ اچڻ بعد فوتين جو انگ 22 ٿي ويو آهي، ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان 35 ڄڻن کي بچايو ويو هو ۽ 22 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن،

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ مسمات لالڻ نازيه، ڪريم النساء جوکيو، 4 ورهين جو ياسر مقصود جوکيو، ابوبڪر جوکيو، مسمات وزيران جوکيو، احمد لاشاري، مسمات شبانا پنھور، حاجران جوکيو، محمد علي خاصخيلي، 3 ورهين جي ناديا ميمڻ، دلاور جوکيو، حنيف منڍو جنگشاھي، ياسمين ۽ بيبي جويريا شامل آهن، پاڪ اونداهي ٿيڻ ۽ لائيٽس جي فراهمي نه هئڻ ڪري نيوي اهلڪارن پاران آپريشن بند ڪيو ويو آهي، ظلعي انتظاميا کان مدد طلب ڪرن باوجود ڪا به مدد نه ڪئي وئي  ٽارچون به فراهم نه ڪيون ويون جنهن ڪري آپريشن متاثر ٿيو.

حادثي جو شڪار ٿيلن جي وارثن انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته واقعي کانپوءِ ترت ڪارروائي نه ڪرڻ تي فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي، انتظاميا پاران ميلي تي ويندڙ زائرين لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي جنهن سبب واقعو پيش آيو. فوتين جا لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فوتين جا مڙهه آندا ويا جتي ڳوٺ مزار خان جي رهواسي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مڙهه مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *