Friday , March 29 2024

ميرپور خاص: سڃاڻپ ڪارڊن جو پراڻو رڪارڊ ساڙڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، نادار سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري

 
مير پور خاص: ميرپور خاص جي رهواسي ڪانچي پاران نادرا وٽ موجود سڃاڻپ ڪارڊ ساڙڻ واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست گذار موجب ان فيصلي سان سنڌ جا 30 لک ماڻهو مردم شماري کان رهجي ويندا، عدلت نادرا، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين کان 9 فيبر وريءَ تي جواب طلب ڪري ورتو.
مير پور خاص واسي ڪانچي نالي شخص سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ پيٽيشن داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي نادرا وٽ سنڌ واسين جا 30 لک کان وڌيڪ سڃاڻپ ڪارڊ پيل آهن، نادرا لاڳاپيل ماڻهن تائين سڃاڻپ ڪارڊ پهچائڻ بجاءِ انهن کي ساڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سبب 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ مردم شماري ۾ سنڌ جا لکين ماڻهو مردم شماري کان رهجي ويندا.
درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته مردم شماري کان اڳ رهجي ويل 30 سيڪڙو ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ کي يقني بڻائڻ سان گڏ نادرا پاران 30 لک ڪارڊ ساڙڻ وارو فيصلو روڪرائي، اهي سڃاڻپ ڪارڊ روينيو اختيارين، ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار ۽ تپيدار وسيلي لاڳاپيل ماڻهن تائين پهچايا وڃن.
عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي، ۽ صوبائي حڪومتن، نادرا ۽ روينيو اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي………..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *