Tuesday , April 16 2024

ميرپور خاص بورڊ جو باڪمال فيصلو،راتو رات جنهنجي امتحاني سينٽر 100ڪلوميٽر ڏورانهين هنڌ اسلام ڪوٽ منتقل

عمر ڪوٽ( ڀاواني راجا – رپورٽر سنڌسماءَچار) ميرپورخاص جي  تعليمي بورڊ جي عجب ڪارڪردگي جو هڪ نئون مثال سامهون  اچي ويو آهي، جنهنجي هاءِ اسڪول جي امتحاني مرڪز کي هڪ سئو ڪلوميٽر پري اسلام ڪوٽ منتقل ڪيو آهي، امتحاني سينٽر تائين پهچڻ لاءِ  ٽرانسپورٽ جو سڌو نظام يا روڊ نه هئڻ سبب شاگرد ۽ سندن والدين سخت پريشان ٿي ويا آهن.

ميرپور خاص بورڊ آف انٽر ميڊيڊيٽ ۽ سيڪينڊري ايجوڪيشن جو هڪ ٻيو ڪارنامو سامهون آيو آهي، فرسٽايئر ۽ انٽر جا امتحان شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ گورنمنٽ هائي اسڪول جنجهي جي  شاگردن جو امتحاني مرڪز ڇاڇرو کان اسلام ڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي.

شاگردن جو چوڻ آهي ته امتحان شروع ٿيڻ کان  هڪ ڏينهن اڳ سينٽر اسلام ڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امتحاني سينٽر تائين پهچڻ لاءِ  ٽرانسپورٽ جو سڌو نظام يا روڊ به موجود نه آهي.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته منتقل ڪيل امتحاني مرڪز کي واپس ڇاڇرو ۾ قائم ڪري شاگردن ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *