Thursday , March 28 2024

ميرپورماٿيلو، پنوعاقل ۽ ڀان سيد آباد مان 7 نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پنوعاقل، ڀان سيد آباد ۽ ميرپور ماٿيلو مان 7 نوجوان پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، گم ٿي ويل نوجوانن جي وارثن سندن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. پنو عاقل جي فوجي پاڙي جو نوجوان مظفر منگي ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم. وارثن جو چوڻ آهي ته مظفر جي موبائل فون مسلسل بند ملي رهي آهي، کين شڪ آهي ته سندن نوجوان کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. ميرپور ماٿيلو ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل 3 مهاڻا پراسرار نموني گم ٿي ويا، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. راونتي جي ڪچي واري علائقي مان مڇي مارڻ لاءِ ويل 3 مهاڻا راشد ميراڻي، مرتضي ميراڻي ۽ حفيظ کوسو پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا 3 ڏينهن اڳ ڪچي واري علائقي ۾ مڇي مارڻ ويا هئا، سندن موبائل فون به بند ملي رهيا آهن. هنن چيو ته گم ٿيلن جي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر سندن ڪٿي به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي. وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي سندن ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڀان سيد آباد ۾ 3 شاگرد اسڪول مان واپس ٿيندي پراسرار نموني گم ٿي ويا، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.  ڀان سيد آباد ڊگري ڪاليج جو شاگرد حبيب پهنور ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ فيصل ٿيهم ۽ راشد پهنور گذريل 2 ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن،  وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود سندن ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي. گم ٿيل شاگردن جي وارثن پاران ڀان سيدآباد پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي. شاگردن جي وارثن چيو آهي ته ٽئي ڄڻا پڙهڻ ويا هئا، واپسي تي باءِ پاس جي علائقي مان گم ٿي ويا آهن، کين شڪ آهي ته شاگردن کي اغوا ڪيو ويو آهي. وارثن آءِ جي سنڌپوليس کي اپيل ڪئي ته قدم کڻي گم ٿيل شاگردن کي بازياب ڪرايو وڃي. واضح رهي ته گم ٿيل شاگرد فيصل ٿهيم ڀان سيد آباد شهر جو رهواسي آهي، جڏهن ته حبيب ۽ راشد پهنور ڳوٺ ڳهيلا پهنور جا رهواسي آهن.  شاگردن جي گم ٿيڻ کان پوءِ سندن وارثن ۾ بيچيني ڇانيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *