Friday , March 29 2024

ميرپورخاص: شهيد بينظير ڀٽو سيڊ فارم ۾ بينظير رهائشي ڪالوني ٺاهڻ خلاف هارين جو احتاج

ميرپورخاص:

ميرپورخاص ۾ سيڊ فارم جي آباد زمين تي بينظير ڪالوني ٺاهڻ خلاف علائقي واسين ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.
علائقي واسين محمد ملوڪ اڄڻ، فاروق مهر، پ پ ڪائونسلر شفيع محمد بلوچ، احسان حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.
مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سيڊ فارم تي 80 ايڪڙ زمين آباد آهي جنهن ۾ انبن ۽ چيڪوئن جا باغ لڳل آهن جتي ريسرچ ڪم ٿئي ٿو، ان زمين کي غير آباد ڪري اتي بينظير ڪالوني ٺاهڻ سان 80 هاري خاندان ۽ 100 کان وڌيڪ ملازم بيروزگار ٿي ويندا.
اڳواڻن چيو آهي ته فروٽ فارم سميت ٻين علائقن ۾ سوين ايڪڙ سرڪاري زمين بنجر بڻيل آهي اتي ڪالوني ٺاهي وڃي.
هنن چيو ته هتي ريسرچ زريعي ڪيترين ئي قسمن جي انبن جو جنسون ٺاهيون وڃن ٿيون، اهڙي هنڌ رهائشي ڪالوني ٺاهڻ سان هارٽيڪلچر کي ڪاپاري ڌڪ رسندو.
هنن چيو ته اسان ابن ڏاڏن کان هتي زمينون آباد ڪري رهيا آهيون هاڻي اسانکي بيروزگار ڪيو پيو وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.
هنن مطالبو ڪندي چيو ته سيڊ فارم ۾ ڪالوني نه ٺاهي وڃي، ٻي صورت ۾ ڊائريڪٽر زراعت آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *