Tuesday , April 23 2024

مون ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو روح اچي ويو آهي: آصف زرداري

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪاستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف علي زرداري چيو آهي ته، شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو روح مون ۾ اچي ويو آهي، ڀٽو ۽ شحيدبينظير جي مشن جا بار به هاڻي سندس ئي ڪلهن تي اچي ويا آهن، شهيد بينظير جي روح کي عوام لاءِ ڪيل ڪمن جو حساب ڏيڻو آهي ته غريبن لاءِ ڇا ڪيو آءُ هر اُهو ڪم ڪندس جيڪو غريبن ۽ هارين جي حق ۾ هجي. ميرپور خاص ۾ سيد خادم علي شاهه پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته، منهنجي لاءِ ميرپورخاص ۽ آس پاس جاعلائقا نوان نه آهن آءُ هتي 40 سال زمينداري ڪري چڪو آهيان هتي جو هاري، پورهيت ۽ آبادگار مون کي چڱي ريت سڃاڻي ٿو آءُ هاري ۽ آبادگارن کي نقصان ڏيڻ واري ڪنهن ڪم ۾ ساٿ نه ڏيندس.

آصف زرداري چيو ته، آءُ زميندار سان نه پر هارين سان گڏ آهيان. خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته اسان اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪڏهن به ڪنهن قوت جو سهارو ناهي ورتو اسان جي طاقت عوام آهي انهي جي باوجود اسان کان مختلف وقتن ۾ عوام جو مينڊٽ کسيو ويو آهي. هن چيو ته نواز شريف چوي ٿو ته آءُ راز کوليندس پر ٻيا راز کولڻ کان اڳ نواز شريف اُهو راز ته ٻڌائي ته هو هميشه ڪنهن جي ڪلهن تي چڙهي وڏو مينڊنٽ حاصل ڪري اقتدار ۾ ايندو آهي. هن چيو ته نواز شريف وٽ پئسن جي طاقت آهي.اسان وٽ عوام جي طاقت آهي نوازشريف کي پئسن جي طاقت مبارڪ اسان کي غريبن جو پيار مبارڪ ملڪ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي جيڪا اسان جي اصل طاقت آهي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته آبادگارن جا مسئلا حل ٿين ۽ شگرملن جا مالڪ پنهنجي نفعي مان ٿورو نقصان برداشت ڪري غريب هارين کي سندن حق ڏين جيڪڏهن اهو نه ڪيو ويو ته اسين به شهيد ذولفقارعلي ڀٽو جيان ڪارخانيدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪارخانن کي قومي تحويل وٺي سگهون ٿا پر اسان غريبن کي ڪڏهن به نقصان ۽ پورهيتن کي بيروزگار نه ڪنداسون. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي نيشنلائزيشن واري پاليسي عظمت جو نشان هئي جنهن کي بعد ۾ بيوروڪريسي غلط رنگ ڏنو. هن چيو ته وڌيڪ ڳالهيون 5 جنوري واري  عوامي جلسي ۾ ڪندس، ڪارڪنن جي نعرن جي جواب ۾ هن چيو ته پي ايس 65 جو تڪ پيپلزپارٽي جو تڪ آهي انهي تي صرف پيپلزپارٽي جي  جيالي کي ٽڪيٽ ڏني ويندي. انهي موقعي تي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثاراحمد کهڙو ۽ اڳوڻي ايم اين اي سيد خادم علي شاهه پڻ خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *