Thursday , March 28 2024

مون کي عمر ڪوٽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او جوابدارن حوالي ڪيو: اميشا خاصخيلي

عمر ڪوٽ ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدر آباد مان ٻن هفتن کانپوءِ هٿ آيل نينگري اميشا خاصخيلي چيو آهي ته، مون کي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين جوابدارن فيض پلي ۽ سيف الله آرائين جي حوالي ڪيو. اميشا عمرڪوٽ ٿاڻي تي وارثن سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، مون کي شادي جي تقريب مان وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين کڻي ٿاڻي تي وٺي وئي هئي. هن چيو ته ايس ايڇ او خوش بخت مون کي جوابدارن جي حوالي ڪيو. اميشا چيو ته مون کي فيض پلي ۽ سيف الله پلي پنهنجي قيد ۾ رکيو.

وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين

اميشا خاصخيلي پوليس تحويل ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هوءَ وڌيڪ بيان ۽ ٻيون حقيقتون سڀاڻي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت ئي ٻڌائيندي ۽ عدالت آڏو سڀ ڪجهه ٻڌائيندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *