Saturday , April 20 2024

مون تي ڪرپشن جو هڪ به الزام نه لڳو،18هين ترميم واپس ڪرڻ لاءِ مون تي حملا ٿين پيا: آصف زرداري

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) منهنجي مٿان هر پاسي کان حملا صرف ارڙهين ترميم خاتمي جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، جهيڙو آهي ئي ان جو، جنهن سان رابطو ڪيان ٿو ان کي کنڀيو يا گرفتار ڪيو وڃي ٿو، اهڙا انڪشاف اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي. آصف زرداري چيو ڪوڙن بئنڪ کاتن جي الزام تي منهنجي دوستن ۾ هٿ وڌا ويا آهن. ارڙهين ترميم جي خاتمي لاءِ منهنجي مٿان اهڙا حملا ڪيا پيا وڃن پر ان جو سڀ کان وڏو فائدو پنجاب کي پيو آهي. آصف زرداري چيو ته هاڻي جيڪڏهن هُو چاهي تڏهن به ارڙهين ترميم کي رول بيڪ نه ٿو ڪرائي سگهي. اڳوڻي صدر چيو ته منهنجي هڪ دوست کي انڪري کنڀيو ويو جو ان سان مان فون تي ڳالهائيندو هئس جو اهو منهنجون ٻنيون سنڀاليندو هو ۽ فصلن بابت ان کان پڇندو هئس. ٻئي کي وري انڪري کنڀيو ويو جو اهو ٽنڊو الهيار ۾ منهنجي اوطاق ٺهرائي رهيو هو ان بابت کائنس پڇندو هئس. آصف زرداري نالو کڻڻ بنا چيو ته اسان به ايترا ئي محب وطن آهيون جيترا توهان، شايد توهان کان به وڌيڪ محب وطن آهيون. آصف زرداري جو هو ته حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نٿا رکون، اسان جي هر فيصلي جي پردي پٺيان سوچ ۽ نظريو هو، توهان تسليم نه ڪيو پر بلوچستان ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي. هن اشارو ڏنو ته قانون سازي اسان جو ڪم آهي، تنهن ڪري سڀ معاملا اسان کي اُڪلائڻ ڏيو، پارليامينٽ ۾ وڙهي سِڙهي ڪري وينداسين. اين آر او بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته مان اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان اين آر او نه گهريو ۽ عمران خان سان پارليامينٽ کانسواءِ ڪٿي ملاقات ناهي ٿي. اڳوڻي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان خيبرپختونخواهه ۾ پشتون کي سڃاڻپ ڏني آهي ته اها ان جي ضرورت هئي. سندس موجب سعودي عرب سدائين اسان جي مدد ڪئي آهي ۽ موٽ ۾ پاڪستان به هر ممڪن سهڪار ڪيو پر حڪومت کي بيل آئوٽ پيڪيج ملڻ تي خوش آهيان، رياست کي ٻاهران نه اندران گهڻا خطرا آهن، 5 سال صدر رهيس پر ڪرپشن جو ڪو داغ نه لڳو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *