Thursday , April 18 2024

مورو: پراڻي برادري تڪرار تان 2 ڄڻا قتل، قاتل ڀڄي ويا

مورو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ ڀونگر ماڇي لڳ پراڻي دشمني تان ڪجهھ هٿياربندن پاران حملو ڪري موري کان ڳوٺ احمداڻي لغاري ويندڙ ڳوٺ جي چڳي مڙس منظور احمد لغاري ۽ ساڻس گڏ سليمان عرف ڏاڏو لغاري کي پسٽلن ۽ ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع ملڻ تي لغاري برادري جا سوين ماڻهو پهچي ويا ۽ اطلاع ملڻ تي گچيرو ٿاڻي جي پوليس پڻ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال مورو آندا، جتي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري هڪ ڪلاڪ تائين مقتولن جا لاش پيا رهيا ۽ وارث ڊاڪٽرن جي پڇا ڪندا رهيا، بعد ۾ ڊاڪٽر پهچي قانوني ڪارروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا، لاش ڳوٺ احمداڻي لغاري ۽ لغاري بجراڻي ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ چيئرمين يونين ڪائونسل لليا بشير احمد لغاري ٻڌايو ته مري برادري سان اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ مري برادري جي ماڻهن حملو ڪري اسان جي چڱي مڙس منظور احمد لغاري ساڻس گڏ سندس دوست سليمان عرف ڏاڏو لغاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪجھه مهينا اڳ موٽرسائيڪل سوارن واپاري خادم مري کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي ڪچي ۾ سرن جي ٻوڙن ۾ لڪائي پوري ڇڏيو هو، اهڙو ڪيس حضور بخش لغاري، محبت لغاري، منظور احمد لغاري سميت 5 ڄڻن تي داخل ڪرايو هو، جن مان ٻه جوابدار حضور بخش ۽ محبت لغاري گرفتار ٿيل آهن، ان موقعي تي ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير ٻڌايو ته واقعي جي خبر پوڻ شرط مورو پوليس ۽ گچيرو پوليس جون ٽيمون جوابدارن پويان روانيون ٿي ويون ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي، مورو پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته لغاري برادري ۽ مري برادري ۾ ڪجهھ مهينا اڳ ڏيتي ليتي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن ۾ مري برادري جو هڪ نوجوان قتل ٿي ويو هو، آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *