Saturday , April 20 2024

مهر ڀائرن کي به پنج سالن کانپوءِ پ پ سان ”اصولي اختلاف“ ياد اچي ويا

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي مهر ڀائرن کي به نيٺ هڪ ڀيرو وري ”اصولي اختلاف“ ياد اچي ويا آهن، جنهن سبب ڪجهه مهينن کان پ پ سان ناراضگي کانپوءِ، پ پ اڳواڻ علي گوهر مهر ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيرپاڳارو سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، علي گوهر مهر سميت مهر ڪٽنب جا گذريل ڪجهه مهينن کان پيپلز پارٽي سان اختلاف هلندڙ آهن. مهر ڪٽنب کي پرچائڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، مراد علي شاهه سميت پ پ جي قيادت به گهڻا وس ڪيا آهن، پر مهر خاندان سنوت ۾ نه اچي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *