Friday , March 29 2024

منڇر ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ کي آخر روڪيو ڇو نه ٿو وڃي: سپريم ڪورٽ..؟؟

Manchar lake 3

سپريم ڪورٽ منڇر ڍنڍ ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري ڪيس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 4 آگسٽ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي منڇر ڍنڍ ۾ زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ سرڪار 26 جولاءِ تي ڪوٺايل اجلاس ۾ آر بي اوڊي رٿا منصوبي لاءِ فنڊز جي منظوري ڏئي چڪي آهي ۽ آگسٽ جي آخر  ۾ منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته منصوبي تي ڪم آگسٽ جي آخري هفتي ۾ ڇو شروع ڪيو ويندو، هينئر شروع ڇو نٿو ڪري سگهجي؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته وفاق پاران فنڊز آگسٽ جي آخر ۾ جاري ٿيڻ سبب منصوبي تي ڪم شروع نٿو ڪري سگهجي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 4 آگسٽ تائين تفصلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايڪنڪ آر بي او ڊي 2 منصوبو مڪمل ڪري ورتو آهي، ان بابت واٽر ڪميشن به بيان ڏئي چڪي آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته واٽر ڪميشن ۾ اوهان جيڪو ڏنو آهي اها ٻي ڳالهه آهي هي سپريم ڪورٽ جو حڪم آهي.

Manchar lake 2

منڇر ڍنڍ جي رهواسين عدالت ۾ بيان ڏنو ته آر بي او ڊي تي لڳايل آر او پلانٽ غير فعال هئڻ سبب هو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جنهن سبب سندن زندگي کي خطرو آهي. عدالت سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالتي ڪارروائي سان ماڻهن کي فائدو نه ٿئي ته پوءِ ڪارروائي هلائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. ڳوٺاڻن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي به منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. آبپاشي واري سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته جڏهن سنڌو درياهه جي سطح منڇر کان مٿي هوندي آهي ته پاڻي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. عدالت آر او پلانٽ جي منصوبي جي شروعات ۽ سنڌو درياهه جي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *