Friday , April 26 2024

مني لانڊرنگ ڪيس:سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پاران ايف آءِ اي ۽ جي آءِ ٽي سان سهڪار نه ڪرڻ تي، وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي دوران، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ڪيس بابت اڳڀرائي بابت جي آءِ ٽي کان پڇاڻو ڪيو. جنهن تي جي آءِ ٽي پاران رپورٽ سپريم ڪورٽ حوالي ڪئي وئي. ان موقعي تي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته، سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ٿئي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کان پڇيو ته وڏي وزير کي طلب ڪرڻ کي سمن سمجهون؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، مني لانڊرنگ ڪيس انتهائي اهم آهي، انڪري وڏي وزير سان ملڻ چاهيان ٿو، وڏي وزير کي اڄ ئي چئو ته اچي مون سان چئمبر ۾ ملي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *