Thursday , March 28 2024

مني لانڊرنگ ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ايف آءِ اي آڏوپيشي، ڪيترن ئي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيٺ اڳوڻو صدر ۽ پ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي، آصف زرداري چيو آهي ته، ” ڪير ٿو چئي ته هي ڪيس مونکي دٻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟“. سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن سميت مختلف اڪائونٽس ذريعي ڏوڪڙن جي غير قانوني منتقلي واري ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ ايم پي اي فريال ٽالپر ڇوٿون ڀيرو طلب ڪرڻ کانپوءِ نيٺ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ پيش ٿيا، آصف زرداري سان اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، قمر الزمان ڪائرا، روبينه قائمخاني ۽ شيري رحمان به ساڻس گڏ هئا. آصف زرداري جي پيشي جي موقعي تي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز جي عمارت جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتظام ان تهائي سخت ڪيل هئا. پيشيءَ وقت آصف زرداري مني لان ڊرنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. جاچ ٽيم آصف زرداري ۽ فريال تالپر کان ڏوڪڙن جي منتقلي بابت مختلف سوال ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جاچ ٽيم پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب قلمبند ڪرايا، پر ڪيترن ئي سوال جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيا. بيان قلمبند ڪرائڻ کانپوءِ ايف آءِ اي مان واپسي وقت آصف زرداري صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته، سندن خلاف هي ڪيس نواز شريف جي گذريل حڪومت دوران داخل ڪيو ويو هو.  هن چيو ته ايف آءِ اي جي مرضي آهيي جيڪي به سوال ڪري پر اصل ڳالهه اها آهي ته حقيقتون ڪهڙيون آهن. ان موقعي تي هڪ صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته، ” ڇا هي ڪيس اوهان کي دٻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟“، جنهن جو مختصر جواب ڏيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته، ” اها ڳالهه ڪنهن چئي آهي؟“.

آصف زرداري جي ايف آءِ اي آڏو پيشي دوران پڇيل سوالن بابت ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، آصف زرداري ڪيترن ئي سوالن جا جاوب نه ڏئي سگهيو. مليل ڄاڻ موجب فريلا ٽالپر اڪثر سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي، جوابن دوران آصف زرداري سندس مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، جاچ ٽيم آصف زرداري کي خاموش رهڻ جو چيو، ان دوران هڪ موقعي تي معمولي تلخي واري صورتحال به پيدا ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *