Friday , April 26 2024

مني لانڊرنگ ڪيس،چئن اڳوڻن صوبائي وزيرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن اڪائونٽس ذريعي ڏوڪڙن جي ڏيتي ليتي واري اسڪنڊل جو پيرا سڄي ملڪ تائين پکڙجي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته، ڪوڙن /بي نامي اڪائونٽس ذريعي پئسن جي ڏيتي ليتي بابت وڌيڪ انڪشاف ٿي رهيا آهن. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته بي نامي / جعلي بئنڪ کاتن ۽ انهن ذريعي اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان، سنڌ جي چئن اڳوڻن صوبائي وزيرن ۽ ماڊل ايان علي کي به پئسن جي منتقلي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جن اڳوڻن صوبائي وزيرن کي پئسا منت ق ٿيڻ يا انهن پاران جمع ڪرائڻ واري معاملي جي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي جن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ذريعن موجب ماڊل ايان علي مختلف وقتن تي شاپنگ ڪئي ۽ ان جي رقم اهڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ٿي. اٽارني جنرل انور منصور خان کي هڪ اهڙي ئي بي نامي/ جعلي بئنڪ اڪائونٽ مان 22 لک رپين جي ادائگي ڪئي وپئي. انور منصور خان بابت اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هُن کي اهڙي رقم انهن ڏينهن دوران ٿي جڏهن هو انور مجيد جي اومني گروپ جي هڪ ڪيس جي وڪالت ڪري رهيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته باقي جيڪي چار اڳوڻا صوبائي وزير هن اسڪينڊل ۾ اچن ٿا يعني انهن کي اهڙن کاتن ذريعي ادائگيون ٿيون آهن يا وري اُنهن اهڙين کاتن ۾ رقمون منتقل ڪيون. انهن بابت به جلد ڪيس داخل ٿيڻ جا امڪان آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *