Tuesday , March 19 2024

مني لانڊرنگ، بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض،سندس زال ۽ پٽ جو وارو اچي ويو

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ۽ آصف زرداري جي دوست ملڪ رياض، سندس زال بينا ملڪ رياض ۽ پٽ علي ملڪ رياض جو وارو اچي ويو آهي، جي آءِ ٽي ٽنهي کي 28 هين نومبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌسماءَچار کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ذريعي زرداري گروپ آف ڪمپنيز کي پئسا منتقل ڪرڻ سميت ٻين بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ جي سلسلي ۾ ملڪ رياض، سندس زال بينا ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب ملڪ رياض کي جاري ڪيل نوٽيسز ۾ چيو ويو آهي ته، اُهي 28 هين نومبر تي ڪراچيءَ ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي بيان قلمند ڪرائين. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق جيڪڏهن ملڪ رياض ۽ ٻيا پاڻ ذاتي حيثيت ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيا ته ته سندن وڪيل به پيش ٿي سگهي ٿو يا وري ٽئي ڄڻا پنهنجي وڪيلن سان گڏ به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *