Tuesday , April 23 2024

منهنجي نانا هميشه عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

Peoples Amulance

سنڌ سرڪار پاران سجاول ۽ ٺٽو ضلعن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت ايمبولينس سروس شروع ڪئي وئي آهي، ايمبولينس سورس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، شهيد نانا هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي، ايمبولينس سروس منهنجي امڙ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو. سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ ۾ ايمبولينس سروس شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ايمبولينسز هلايون وينديون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سي ايم هائيس ۾ هڪ تقريب دوران ايمبولينس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ايمبولينس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، سندس نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرداري هميشه عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته، سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ سندس امڙ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو جيڪو اڄ سنڌ حڪومت پورو ڪيو آهي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *