Thursday , March 28 2024

منهنجي خلاف هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ڪيو:خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر  سنڌ سماءَ  چار) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪرپشن جا الزام هنيا پيا وڃن پر منهنجي خلاف ڪرپشن جي هڪ رپئي جو ثبوت به ڪنه وٽ ناهي، نيب کي منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ پڇتاءُ ٿيندو،خورشيد شاهه چيو ته شيخ رشيد منهنجي شهر ۾ آيو هو گارگند ڪري يا تعريف ڪري مان سندس خلاف ڪجهه به نه چوندس. سکر ۾ ايس آءِ يوٽي جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه ته نواز شريف جي حڪومت ۾ 15 ارب ڊالرز جو  قرض ورتو  پير موجوده  حڪومت آئي ايم ايف کان هڪ ڀيرو قرض وٺڻ چاهي پئي. خورشيد شاهه چيو ته  نيب ڪارروائي کان پهريان ٻڌائي ته هو ڇا ڪرڻ چاهي پئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي پهرين تقرير ۾ خوفزده ڪيو ته نيب جو سسٽم سست آهي نيب جو چيئرمين وزير اعظم سان ملندو رهندو آهي هيلي ڪاپٽر ڪيس به نيب وٽ آهي. منهنجي خلاف مختلف قسمن جا الزام هنيا پيا وڃن، جن جو ڪو به ثبوت نه آهي، منهنجي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ  نيب جا اڇا ڪارا ڪرتوت پڌرا ٿي ويندا. پ پ اڳواڻ چيو ته ملڪ جا صنعتي ادارا بند ٿي رهيا آهن، قوم سان وڌيڪ فراڊ نٿو هلي سگهي، ايندڙ وقت ۾ مهانگائي وڌندي ۽ ڊالر جي ملهه به اضافو ٿيند. پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان جا دوست چون پيا ته جيڪڏهن هو 3 سالن لاءِ آهي ته 6 مهينن ۾ هليو وڃي ته جيئن اسان کي به وارو ملي سگهي. خورشيد شاهه چيو ته شيخ رشيد منهنجي شهر ۾ آيو هو گاريون ڏئي يا تعريف ڪري مان سندس خلاف ڪجهه نه چوندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *