Thursday , March 28 2024

منظور وساڻ بي قصور آهي، اجايو ڦاسايو پيو وڃي: ايم پي اي منور وساڻ

پيپلزپارٽي جي ايم پي ايز جي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي ڪردار تي تنقيد، سعيد غني چيو آهي ته اپوزيشن جي پوائنٽ اسڪورنگ واري ڪوشش سبب رمشا جي قتل بابت سنجيده اڳڀرائي نه ٿي سگهي، امداد پتافي ۽ فياض ٻٽ چيو آهي ته رمشا جو قاتل ڪيترو به بااثر هجي ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڦاهي ڏني وڃي، ايم پي اي منور وساڻ چيو ته رمشا جي قتل ڪيس ۾ منظور وساڻ کي ڦاسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناڪام ٿيندي. پ پ ايم پي ايز رمشا جي قتل بابت اپوزيشن جي ڪردار تي سخت تنقيد ڪئي آهي، امداد پتافي چيو آهي ته اپوزيشن کي گار گند کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو اچي، منور وساڻ چيو ته رمشا قتل ڪيس ۾ منظور وساڻ کي ناحق ڦاسايو پيو وڃي.

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اپوزيشن جي ڪردار سبب رمشا بابت ايوان ۾ سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي آهي، رمشا کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ وارا گار گند جي سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، فردوس شميم جي نالي مان لڳي ٿو ته هو ٻيو ڪجهه هجڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي امداد پتافي چيو ته رمشا معاملي تي اپوزيشن ايوان ۾ گوڙ ڪري پوائنٽ اسڪورنگ جي ڪوشش ڪئي، کين گار گند کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو اچي. پ پ اڳواڻ فياض ٻٽ جو چوڻ هو ته رمشا جو قاتل ڪير به هجي ان کي ڦاهي ملڻ گهرجي. پ پ ايم پي اي منور وساڻ چيو ته رمشا قتل ڪيس ۾ منظور وساڻ کي ناحق ڦاسايو پيو وڃي، رمشا جو معاملو اسان جي قوم جو معاملو آهي.ايم پي اي منور وساڻ چيو ته اپوزيشن وارا منظور وساڻ کي ڦاسائي مڪاني چونڊون کٽڻ چاهين ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *