Friday , April 19 2024

منظور وساڻ، محمد بخش مهر ۽ شاهنواز ٽالپر جا فارم رد،علي مردان شاهه جو فارم بحال

سکر / حيدر آباد (رپورٽر  سنڌسنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جَي ٻن اهم اميدوارن منظور حسين وساڻ ۽ سردار محمد بخش مهر جا نامزدگي فارم رد ٿي وياجڏهن ته چئن اميدوارن علي مردان شاهه، ذوالفقار بچاڻي،عبدالستار بچاڻي ۽ خالد احمد لنڊ جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا، جڏهن ته جِي ڊي اي اميدوار شاهنواز ٽالپر جا فارم رد ۽ عبدالستار راڄپر جا فارم بحال ٿي ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن جي اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پي ايس 27 خيرپور تي پيپلزپارٽي جَي اميدوار منظور وساڻ جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ وارو اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندَي سندس فارمز جيي بحالي وارِي پٽيشن خارج ڪري ڇڏي.

ساڳي عدالت پي ايس 20 خانڳڙهه تي پيپلزپارٽي جَي اميدوار سردار محمد بخش مهر جِي درخواست به خارج ڪندَي سندس نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيا. منظور وساڻ جا نامزدگي فارم اثاثا ۽ اقامو لڪائڻ، جڏهن ته  محمد بخش مهر جا فارم اثاثا لڪائڻ جي الزام ۾ اپليٽ ٽربيونل رد ڪيا هئا، عدالت ٻنهي جون بحالي واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر پي ايس 27 ڪوٽڏيجي تي جِي ڊي اَي اميدوار شاهنواز ٽالپر جا فارم رد ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پي ايس 34 محرابپور تي جِي ڊي اَي اميدوار عبدالستار راڄپر جا فارم بحال ڪيا ويا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدر آباد 52 عمرڪوٽ تي پيپلزپارٽي جَي اميدوار  علي مردان شاهه جا نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا ۽ کيس چونڊ وڙهڻ جِي اجازت ڏئي ڇڏي.حيدرآباد جي ساڳي عدالت اين اي 224 تي بيٺل پ پ اميدوار ذوالفقار بچاڻي ۽ عبدالستار بچاڻي جا فارم بحال ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *