Thursday , March 28 2024

منظوروساڻ پنهنجي اقامي جو جواب ڏيڻ بدران صدرالدين شاهه جو اقامو کڻي عدالت پڄي ويو

جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه جو به اقامو نڪري آيو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڳوڻو صوبائي وزير منظور وساڻ اقامي رکڻ جو جواب ڏيڻ بدران جي ڊي اي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه جو اقامون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، منظور وساڻ عدالت کي اها به درخواست ڪئي آهي ته صدرالدين شاهه کي نااهل قرار ڏنو وڃي. رپورٽ موجب سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير منظور وساڻ پنهنجي خلاف اقامي بابت داخل درخواست تي جواب جمع ڪرائيندي پير الدين شاهه کي اقامي جي بنياد تي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي. اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي خلاف اقامي بابت درخواست تي اسٽيٽمينٽ سان گڏ اڳوڻي وفاقي وزير پير صدر الدين شاهه جي اقامي جا دستاويز به ڳنڍي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڪرايا.

منظور وساڻ خلاف فنڪشنل ليگ جي هڪ اڳواڻ طرفان اقامي جي بنياد تي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. دستاويزن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ جي وڪيل بئريسٽر هالار وساڻ چيو ته صدر الدين شاهه وٽ 2011 کان 2015 تائين جو اقامو آهي، جيڪو هن ري نيو به ڪرايو، صدر الدين شاهه عام چونڊن دوران ڪڏهن به اقامو ڊڪليئر ناهي ڪيو. بئريسٽر هالار وساڻ چيو ته صدر الدين شاهه جي گهرواري ۽ ڌيءُ جي نالي تي برطانيه ۾ ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽ آهي، اها ملڪيت به هن اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي. هن چيو ته صدر الدين شاهه نجي ڪمپني جي نوڪري جي بنياد تي اقامو ورتو، هو نجي ڪمپني جو ليگل ايڊوائيزر رهيو آهي، هن نوڪري ڪئي آهي ته سندس پگهار به هوندي.هن چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته پير صدر الدين شاهه کي هميشه لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *