Thursday , April 18 2024

ممنون حسين، بيگم ڪلثوم نواز، اسماعيل راهو، تهمينه دولتانا خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس!

Pakistan candidate for the upcoming presidential election of the ruling Pakistan Muslim League-N (PMLN), Mamnoon Hussain arrives to submits his nomination paper at the High Court in Islamabad on July 24, 2013. Pakistan's Supreme Court on July 24 revised the date for the presidential election, asking the election commission to hold it on July 30 instead of August 6. The court made the order as many of the lawmakers who will elect a replacement for President Asif Ali Zardari will be paying pilgrimages or offering special prayers on August 6 for the Islamic holy month of Ramadan, which ends a few days later.  AFP PHOTO /AAMIR QURESHI

حيدر آباد: صدر ممنون حسين، بيگم ڪلثوم نواز، سيد شاهه محمد شاهه ۽ امداد چانڊيو خلاف فوج خلاف ڳالهائڻ ۽ ملڪي سلامتي خلاف داخل دهشتگردي ايڪٽ تحت 17 سال اڳ ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر اوچتو منظر عام تي اچي وئي آهي.

نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز خلاف 17 سال اڳ حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب دوران قومي سلامتي خلاف تقرير ڪرڻ وارو ڪيس منظر تي اچي ويو آهي، سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ هاڻوڪي صدر ممنون حسين، تهمينا دولتانا، شاهه محمد شاهه، اسماعيل راهو ۽ سيد علي بخش عرف پپو شاهه سميت 14 ڄڻا نامزد ڪيا ويا هئا.

Tehmina_DaultanaKulsoom-Nawaz 01

بيگم ڪلثوم نواز خلاف حيدر آباد جي ڪينٽ ٿاڻي تي فوج ۽ قومي سلامتي خلاف تقرير ڪرڻ جي الزام هيٺ داخل ڪرايل ڪيس ٻيهر منظرعام تي اچي ويو آهي. 17 سال اڳ 20 هين مارچ 2000 تي حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ هاڻوڪي صدر ممنون حسين، تهمينا دولتانا، شاهه محمد شاهه، اسماعيل راهو، امداد چانڊيو ۽ سيد علي بخش عرف پپو شاهه سميت 14 ڄڻا نامزد ڪيا ويا هئا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بيگم ڪلثوم نواز ۽ ن ليگ جي ٻين اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ قومي سلامتي ۽ پاڪ فوج خلاف ڳالهائڻ سميت ٻيا الزام لڳايا ويا هئا.

imdadchandiopapu shahshah muhammad shah

ڪينٽ ٿاڻي جي تڏهوڪي انسپيڪٽر حامد ٿهيم جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ صدر ممنون حسين، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ۽ ن ليگ اڳواڻ سيد شاهه محمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير سيد علي بخش شاهه عرف پپو شاهه سميت 14 اڳواڻ شامل آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 20 مارچ 2000ع ۾ داخل ڪرايل ڪيس هن وقت به اوپن آهي، جنهن جي جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ڪيس سرڪاري مدعيت ۾ داخل آهي، ان جي قانوني حيثيت بحال آهي. ياد رهي ته بيگم ڪلثوم نواز تڏهوڪي ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ الهه بخش مگسي جي دعوت تي سندس حيدر آباد واري بنگلي مگسي هائوس ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪيو هو. رئيس الهه بخش مگسي جي ڌيءُ راحيله مگسي هن وقت ن ليگ جي سينٽر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *