Friday , April 19 2024

ممتاز شاهه سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ممتاز علي شاهه کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ڪيبينيٽ ڊويزن نئين چيف سيڪريٽري جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ جي نئين چيف سيڪريٽري لاءِ سنڌ سرڪار کي اماڻيل 3 نالن مان ممتاز شاهه جي نلاي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي رضامندي کانپوءِ وفاقي حڪومت جي ڪيبينيٽ ڊويزن ممتاز شاهه جي چيف سيڪريٽري سنڌ طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ممتاز علي شاهه سومر ڏينهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀاليندو.ممتاز علي شاهه ان کان اڳ سنڌ ۾ سنڌ سماءَ، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف کاتن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *