Friday , April 19 2024

ملڪ جو دفاع ڪيو پر جنگ اڃا مڪمل طور ختم ناهي ٿي: آرمي چيف

راولپپنڊي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ آرمي چيف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته، اسان سڀني گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪيو پر جنگ اڃا مڪمل طور ختم نه ٿي آهي. جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪاميابي پويان فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي جي عوام جا به تمام هٿ آهن جن سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪي دفاع لاءِ اسان سڀ هڪ آيون، اسان 1965 ۽ 71ع واري جنگ مان تمام گهڻو سکيو آهي، اڄوڪو ڏينهن شهيدن سان ڀائيچاري جو ڏينهن آهي. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ شهيدن جي ياد ۾ مک تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، شاهد آفريدي سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته گذريل 20 سالن کان اسان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهون پيا ۽ ان ۾ اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر جنگ اڃا مڪمل طور ختم نه ٿي آهي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي ملڪي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، ان ڏينهن اسان جي جوانن دشمنن جا ڏند کٽا ڪيا، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي شهيدن سان ڀائيچاري جو آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل 20 سالن کان دهشتگردي جي جنگ مڙهي وئي ۽ اسان به ان جي لپيٽ ۾ آياسين، اسان جي اسڪولن، مسجدن ۽ عوامي هندن تي حملا ٿيا ۽ اسان کي اندروني طور ڪمزو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

آرمي چيف چيو ته اسان سڀني گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪيو پر جنگ اڃا مڪمل طور ختم نه ٿي آهي. جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪاميابي پويان فاٽا، بلوچستان ۽ ڪراچي جي عوام جا به تمام هٿ آهن جن سيڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪيو. هن چيو ته زنده قومون پنهنجن شهيدن کي ڪڏهن به وسارينديون نه آهن ۽ ايئن ڪرڻ واريون قومون مٽجي وينديون آهن، اسان پنهنجي شهيدن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان کي امن جو گهوارو بڻايو ويندو. پاڪ فوج جي سپهه سالار چيو ته ملڪ ۾ امن امان لاءِ جمهوريت جو تسلسل تمام ضروري آهي، اڄ سڀ سياسي جماعتون به اسان سان گڏ آهن، اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون. آرمي چيف چيو ته اسان جو جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جو حساب وٺنداسين، آئون ڪشميري عوام کي به سلام پيش ڪريان ٿو جن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *