Friday , April 19 2024

ملڪي سياست تي سڌو اثر انداز ٿيندڙ ٻه اهم ڪيس، اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي قسمت جو فيصلو؟

اسلام آباد / لاهور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي سياسي مستقل بابت اڄ فيصلو ٿي ويندو، آصف زرداري جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جي آءِ ٽي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڪندي؟، اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي ڪرپشڻ رينفرنسز جو فيصلو به اڄ ٻڌائڻ واري آهي. سڄي ملڪ کي احتساب عدالت جي فيصلي ۽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ ان تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي حڪم ۽ هدايتن جو بيقراري سان انتظار آهي، ٻنهي اڳواڻن جي حمايتن کي سندن آجو ٿيڻ جو آسرو آهي ۽ مخالفن جي خواهش ان جي ابتڙ آهي. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ فيصلو احتساب عدالت اڄ ٻڌائڻ واري آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت فيصلو منجهند ٻ2 وڳي کانپوءِ ٻڌائيندي. نواز شريف فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت ويندو، سندس سڪيورٽي به سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي. احتساب عدالت ۽ سيڪٽر جي اليون ۾ به سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، عدالت طرف ايندڙ ويندڙ رستا به بند ڪيا ويا آهن ۽ غير واسيطدار ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو محفوظ ٿيل فيصلو احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ اڄ ٻڌائيندو، جنهن جون . اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف احتساب عدالت طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌڻ لاءِ احتساب عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميان نواز شريف اڄ پنهنجي ڪوھ مري ۾ قائم رهائشگاھ کان فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت پهچندو. العزيزيه ريفرنس ۾ 22 ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ 16 شاهدن جون شاهديون قلمبند ڪيون ويون. احتساب عدالت ۾ نواز شريف خلاف ريفرنسز ۾ مجموعي طور تي 183 ٻڌڻيون ٿيون. ميان نواز شريف جن مان 130 ٻڌڻين دوران احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جن ۾ 70 ڀيرا احتساب عدالت جي جج محمد بشير ۽ 60 ڀيرا احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اڳيان پيش ٿيو. احتساب عدالت جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم وڪيلن سوڌو مسلم ليگ (ن) جي ڪل پندرنهن اڳواڻن کي فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت ملندي، ذريعن موجب هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرس کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو به امڪان آهي.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ اڄ ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *