Tuesday , March 19 2024

ملير جي سومار ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسين جو احتجاج

ملير (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سومار جوکيو ڳوٺ جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي جي فراهميءَ جو مطالبو ڪيو. ملير جي يوسي چنڊ پاڙو جي ڳوٺ سومار جوکيو جي رهواسين يوسي ڪائونسلر حبيب الله جوکيو ، گلشير مگسي ، برڪت ابڙو، محمد علي چانڊيو ۽ فقير بشير شابراڻي جي اڳواڻي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي  کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  مظاهري ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارڙن پاڻي جا خالي گهڙا کڻي پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي يوسي ڪائونسلر حبيب الله جوکيو چيو ته سومار جوکيو ڳوٺ ۾ اڍائي هزار گهر گذريل ڪيترن ئي سالن کان پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن. هنن چيو ته واٽرٽينڪر ذريعي پاڻي حاصل ڪندا هئاسين، پر  جڏهن کان پوليس واٽرٽينڪر تي پابندي لڳائي آهي، تڏهن کان پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. ڳوٺ جون عورتون ۽ ٻار ڀرپاسي جي علائقن گلشن حديد مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن.  هنن واٽربورڊ انتظاميا مطالبو ڪيو ته سومار جوکيو ڳوٺ کي پاڻي جو ڪنيڪشن ڏنو وڃي، ته جيئن سندن پريشاني مان جان آجي ٿئي، ٻي صورت ۾ واٽر بورڊ جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ملير جيل ۾ قيدي جي پنهنجي ساٿي قيدي جي ڌيءُ سان جيل ۾ شادي

ڪراچي (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي جي بيحد اسرار تي سندس شادي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *