Tuesday , April 23 2024

ملير: تاريخي چوڪنڊي قبرستان جي زمين تي قبضا، حڪومت ڪو به تحرڪ نه ورتو، علائقي واسين جو احتجاج

 chokundi3chokundi2

(تاريخي چوڪنڊي قبرستان جون قبرون (سنڌسماءَچار

ملير: (رپورٽ عبدالغفار ابڙو) ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي جي زمين تي علائقي جي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي سان قبضا ٿي رهيا آهن، پر انتظاميا سميت لاڳاپيل اختياريون به خاموش تماشائي بڻيل آهن. قبرستان جي زمين تي وقت بوقت قبضا ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايڪڙ زمين قبضي هيٺ اچي چڪي آهي، پر قبضا مافيا اڃان به وڌيڪ زمين تي قبضا ڪرڻ ۾ رڌل آهي. چوڪنڊي قبرستان جي زمين تي قبضن خلاف ملير جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ چونڊيل نمائندن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ميمبر مجاهد جوکيو، يعقوب خاصخيلي، امن جوکيو ۽ سليم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ چوڪنڊي قبرستان کان قومي شاهراهه تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جنهن تي چوڪنڊي قبرستان جي زمين تي قبضي خلاف مختلف نعرا لکيل هئا. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه بااثر ماڻهو ملير جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري چوڪنڊي قبرستان جي ڪيترائي ايڪڙ زمين ڦٻائڻ لاءِ قبضو ڪري رهيا آهن . اڳواڻن چيو ته اسان سنڌ حڪومت جي ٽن ڏينهن واري مهلت کي مان ڏنو آهي جيڪڏهن ٽن ڏينهن جي اندر اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سنڌ جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *