Friday , March 29 2024

مشعال قتل ڪيس، هڪ جوابدار کي ڦاهي،5 کي عمرا قيد جي سزا،26 جوابدار آزاد

       مشعال خان جي حياتي جي تصوير    

هريپور ( سنڌسماءَچار      مانيٽرنگ ڊيسڪ) هريپور  جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاگرد مشعال جي قتل ڪيس ۾ جوابدار عمران علي کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 5 جوابدارن کي عمر قيد ۽ 24  جوابدارن کي 4 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، گرفتار 26  جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏئي بري ڪيو ويو، ڪي پي  حڪومت پاران جوابدارن کي بري ڪرڻ خلاف اپيل جو فيصلو، مشعال جي ڀاءُ ۽ پيءُ روپوش جوابدارن کي به ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مشعال جي قتل جو سبب يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن هئي. هري پور سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج فضل سبحان جي آڏو 58 جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، جنهن بعد جج فيصلو ٻڌايو.  دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج 27 جنوري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي گرفتار 58 جوابدارن مان هڪ کي موت جي سزائي ٻڌائي  ڇڏي، جڏهن ته پنج ڄڻن کي عمر قيد ۽ 26 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي هري پور سينٽرل جيل ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته جيل جي چئني طرفن کان سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا دستا به مقرر ڪيا ويا. سيڪيورٽي خدشن سبب صحافين ۽ ملاقاتون ڪرڻ لاءِ ايندڙ قيدين جي وارثن جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي هئي .فيصلي کانپوءِ مقتول مشال خان جي ڀاءُ ايمل خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ڪي پوليس فرار ٿيل ماڻهن کي گرفتار ڪري.  واضح رهي ته دهشت گردي جي انت واري عدالت 27 جنوري 2018 تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. عدالت  سيپٽمبر 2017  کان جنوري 2018 تائين ڪيس جون 25 ٻڌڻيون ڪيون ۽ 68 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، جڏهن ته 58 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، 3 جوابدار پي ٽي آءِ ڪائونسلر عارف، شاگرد تنظيم جو مقامي اڳواڻ صابر مايار ۽ يونيورسٽي ملازم اسد عباس فرار آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *