Saturday , April 20 2024

مشرف کان اين آر او مون نه ورتو هو، نواز شريف کي منهنجي ۽ مونکي نواز جي گهرج ناهي: آصف زرداري

لاهور( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پجي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته، پرويز مشرف کان مون اين آر او نه ورتو هو، نواز شريف کي منهنجي ۽ مونکي نواز شريف جي گهرج نه آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته، جيڪي آمريت جي دور جي ايڪٽنگ ڪري رهيا آهن،اهي تمام گهڻا خراب اداڪار آهن. آصف زرداري چيو ته  منهنجي مٿان هر پاسي کان حملا ڪيا پيا وڃن، اهو سڀ ڪجهه ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوبا ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ نه ڏيندا،مون کي سمجهه ۾ آيوآهي ته اهي 18هين ترميم جا مخالف ڇو آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته مون کي گرفتار ڪيو ويو ته اها ڪا نئين ڳالهه نه هوندي. حڪومت ڪيرائڻ ڪو مسئلو نه آهي پر حڪومت ڪيرائي انهن  جون غلطيون پنهنجي ڳيچي ۾ ڇو وجهون، چاهيون ٿا ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري. هن چيو ته حڪومت کي سعودي عرب کان بيل آئوٽ پئڪيج ملڻ تي خوش آهيان.آصف زرداري چيو ته، جن منهنجن دوستن سنڌ ۾ صنعتڪاري ۾ حڪومت جي مدد ڪئي،انهن کي کنيو پيو وڃي. زرداري چيو ته حڪومت وٽ نه مينڊيٽ آهي،نه سوچ آهي،نه ئي انهن کي ڪجهه سيکاريو ويو آهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته، پرويز مشرف کان مون اين آر او نه ورتو هو، موجوده حڪمران چون ٿا ته اُهي مونکي اين آر او نه ڏيندا، پر مان پڇان ٿو ته هنن کان اين آر او گهريو ڪنهن آهي.

مختلف سوان جا جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته، اسرائيلي جهاز جي پاڪستان جي ڌرتي تي اچڻ جي ڄاڻ ناهي، پر هي ناممڪن ناهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان چاهي ٿو ته اسان اي پي سي ڪريون، ڏسون ٿا ته هو 31 آڪٽوبر تي ڪامياب ٿئي ٿو يا نه؟. هن چيو ته حڪمران هوش ۾ اچن، پاڻ ته بني گالا کان هيٺ اچن نٿا،جيڪو ڪندا، اهو ڀريندا. پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته مون کي اين آر او جي ضرورت ناهي، مون مشرف دور ۾ به اين آر او نه ورتو ۽  ڪيس عدالتن مان کٽيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *