Saturday , April 20 2024

مريم نواز خلاف ڪيس، نيب کي وڏي ناڪامي

مريم نواز خلاف ڪيس، نيب کي وڏي ناڪامي

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ  ڊيسڪ) نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز خلاف هڪ ڪيس ۾ نئب کي وڏي ناڪامي جون منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، العزيزيا ملز ڪيس ۾ هڪ سرٽيفڪيٽ ۾ سيل ڊيڊ جو فونٽ جعلي استعمال ڪرڻ ( جعلي ڪئليبري فونٽ) تي سندس خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏيندي چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جمع ڪرايل ٽرسٽ ڊيڊ جعلي هئي، سيل ڊيڊ واري سرٽيفڪيٽ ۾ استعمال ڪيل لکت (ڪئليبري فونٽ) جعلي طريقي سان استعمال ڪيو ويو هو انڪري مريم نواز خلاف جعل سازي جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت ۾ موجود مريم نواز نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته، عدالتي جي اختياري دائري ۾ نٿو اچي، پر اهو عدالت جو خصوصي دائره اختيار آهي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي مريم نواز چيو ته عدالت کي ياد ڏيارڻ ۾ توهان کي هڪ سال جو عرصو ڇو لڳو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اهو ئي ٻڌائي رهيو آهيان. مريم نواز جواب ۾ چيو ته توهان ٿوري دير ڪري ڇڏي، بس هڪ سال، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دير آيد، درست آيد. اُن موقعي تي عدالت مريم نواز سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان خاموش رهو، وڪيل کي دليل ڏيڻ جو موقعو ملندو. مريم نواز کي روسٽرم کان ٿورو پري بيهڻ جي هدايت ڪئي وئي. عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد مريم نواز خلاف جعلي ٽرسٽ ڊيڊ معاملي تي نيب جي درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

مريم نواز خلاف ڪيس، نيب کي وڏي ناڪامي

احتساب عدالت مريم نواز جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو، نئب جي ناڪامي

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ  ڊيسڪ) نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز خلاف هڪ ڪيس ۾ نئب کي وڏي ناڪامي جون منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، العزيزيا ملز ڪيس ۾ هڪ سرٽيفڪيٽ ۾ سيل ڊيڊ جو فونٽ جعلي استعمال ڪرڻ ( جعلي ڪئليبري فونٽ) تي سندس خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت احتساب عدالت جي جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏيندي چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ جمع ڪرايل ٽرسٽ ڊيڊ جعلي هئي، سيل ڊيڊ واري سرٽيفڪيٽ ۾ استعمال ڪيل لکت (ڪئليبري فونٽ) جعلي طريقي سان استعمال ڪيو ويو هو انڪري مريم نواز خلاف جعل سازي جي ڪارروائي ڪئي وڃي. جنهن تي عدالت ۾ موجود مريم نواز نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته، عدالتي جي اختياري دائري ۾ نٿو اچي، پر اهو عدالت جو خصوصي دائره اختيار آهي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي مريم نواز چيو ته عدالت کي ياد ڏيارڻ ۾ توهان کي هڪ سال جو عرصو ڇو لڳو؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اهو ئي ٻڌائي رهيو آهيان. مريم نواز جواب ۾ چيو ته توهان ٿوري دير ڪري ڇڏي، بس هڪ سال، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دير آيد، درست آيد. اُن موقعي تي عدالت مريم نواز سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان خاموش رهو، وڪيل کي دليل ڏيڻ جو موقعو ملندو. مريم نواز کي روسٽرم کان ٿورو پري بيهڻ جي هدايت ڪئي وئي. عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد مريم نواز خلاف جعلي ٽرسٽ ڊيڊ معاملي تي نيب جي درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024/ٻه هزار چوويهه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *