Thursday , April 25 2024

مراد علي شاهه سنڌ جي لاءِ نه پر آصف زرداري جي ڪمپني کي گئس نه ملڻ تي للڪاريو آهي: خواجا سعد رفيق

saad rafiq 1 CM

ريلويز جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گئس معاملي تي وفاق کي سنڌ جي عوام لاءِ نه پر آصف زرداري جي ڪمپني کي سيڪيورٽي ڊپازٽ کانسواءِ گئس جو ڪنيڪشن ناهي مليو، پ پ جو هڪ اڳواڻ پنجاب طرف ويندڙ گئس پائپ لائن پنهنجي زمين مان وڇائڻ لاءِ به زرداري جي ڪمپني کي گئس مهيا ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه گئس واري معاملي تي وفاق کي ان ڪري للڪاريو آهي جو نوري آباد پاور پلانٽ ۾ آصف زرداري جا شيئر آهن ۽ پ پ وارا پاور پلانٽ لاءِ مفت گئس جي فراهمي چاهين ٿا، 2018 جي چونڊن ۾ سنڌ مان پيپلزپارٽي جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين.

جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته نوري آباد واري پاور پلانٽ جا سنڌ حڪومت وٽ 49 سيڪڙو شيئرز آهن، 51 سيڪڙو مالڪي وارا شيئرز نجي ڪمپني جا آهن ۽ اها ڪمپني آصف زرداري جي آهي.

خواجا سعد رفيق چيو ته ڪراچي کان پنجاب ويندڙ 16 سئو ڪلوميٽر گئس پائپ لائن واري منصوبي لاءِ 400 ميٽر پ پ جي هڪ اڳواڻ جي زمين مان گذارڻي آهي، جنهن ۾ اهو اهم اڳواڻ رڪاوٽ بڻيل آهي. پ پ اڳواڻ انڪري پائپ لائين وڇائڻ نه ٿو ڏئي جو ايس ايس جي سي زرداري جي ڪمپني کي مفت ۾ گئس جو ڪنيڪشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ کي 2018ع ۾ پيپلز پارٽي کان آزادي ملي ويندي، سنڌ جي عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن. نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مالڪي واري حصيداري نجي ڪمپني جي آهي، ٻڌايو ته ان نجي ڪمپني جي پٺيان ڪير آهي. هي معاملو سنڌ جي عوام جو نه پر ڪجهه ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ جو مسئلو آهي.

سعد رفيق چيو ته پ پ وارن ڪڏهن شهيد ڀٽو ته ڪڏهن بينظير جي شهادت تي ووٽ ورتا، ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندي.

سندس چوڻ هو ته هڪ ارب رپين جي بئنڪ گارنٽي ڏيڻ کانپوءِ ئي  گئس ڏني ويندا، پيپلز پارٽيءَ وارا مفت ۾ گئس ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين، ن ليگ سنڌ مان جاگيردارن جي سياست ختم ڪري ڇڏيندس.

خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچيءَ کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي، سنڌ جا ٻيا شهر به کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي وارا پاڪستان جي نه پر پنهنجي بنگلن جي ترقي چاهن ٿا، نواز شريف جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي تقدير تبديل ڪري ڇڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *