Friday , April 19 2024

مراد علي شاهه خلاف نااهلي واري درخواست منظور ٿي يا رد؟

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اهليت مٿان لڙڪيل نااهلي واري تلوار نيٺ ٽري وئي آهي، سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه خلاف ٻٽي شهريت واري داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جسٽس عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف ٻٽي شهريت رکڻ ۽ ان جي بنياد تي کيس نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت قرار ڏنو ته ريٽرننگ آفيسر مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، پر درخواست گذار ريٽرننگ آفيسر جي حڪم کي قانون فورم تي چئلينج نه ڪيو، پر سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن کي رد ڪيو ويو. معاملي ۾ هاءِ ڪورٽ جو درخواست رد ڪرڻ  بلڪل درست آهي، درخواست گذار مراد علي شاهه جو سياسي مخالف آهي ۽ صرف سياسي مخالف هئڻ ڪنهن نيڪ نيتي کي ظاهر نٿو ڪري.  جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته، درخواست گذارن کي قانوني فورمن جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ  نيت کي به ثابت ڪرڻو پوندو آهي، ائين ناهي ٿيندو جو اچتو ڪنهن کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست دخل ڪئي وڃي. عهديدارن کي هٽائڻ واري درخواست هر ڪو سڌو سنئون سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي ايندو آهي.  ٻڌڻي دوران درخواست گذار موقف ڄاڻايو ته مراد علي شاهه حلفي بيان ۾ ٻٽي شهريت جو ذڪر ناهي ڪيو، ٻٽي شهريت لڪائڻ تي هو صادق ۽ امين ناهي رهيو ۽ تنهنڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *